شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس:مرڪزي جوابدارن جي ضمانت درخواست رد

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي سنڌڙي پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ ماريل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي لاش کي وارثن کان ڦري  باھ لڳائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ميرپورخاص جي دهشتگري جي خاتمي واري عدالت ۾ ٿي عدالت سڳوري گذريل پيشي تي جوابدارن پاران داخل ڪيل ضمانتن تي محفوظ ڪيل فيصلو ڏيندي گرفتار ٻن جوابدارن مولوي احمد شاهاڻي ۽ محبوب ساند جي ضمانتن وارين درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته هڪ جوابدار نويد پنهور جي عمر گھٽ هجڻ جي بنياد تي سندس ضمانت جي درخواست منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، لاش ڦري ساڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت پيش ڪيل جوابدارن کي ٻيهر جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، عدالت پاران لاش کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ مُک جوابدار مولوي احمد شاهاڻي ۽ محبوب ساند جون ضمانت واريون درخواستون رد ٿيڻ تي جوابدارن کي پوليس جي سخت پهري ۾ سينٽرل جيل نيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.