ڪراچي/شڪارپور (رپورٽر+ذوالفقار مگسي) شڪارپور واسي هندو نوجوان راهول ڪمار تلريجا پٽ راج ڪمار کي ڪراچي ۾ پنهنجي فليٽ اندر ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن پاران قتل ڪيو ويو. شاهراهه فيصل ٿاڻي جي حد گلستان جوهر بلاڪ 19 ۾ نجي ڪمپني جي انجنيئر 35 سالن جي راهول ڪمار جي فليٽ ۾ اڻڄاتل ڦورو داخل ٿيا ۽ کيس تيز اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ۽ سندس زال کي ٻڌي روڪ، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا. ايس ايس پي فرخ رضا ملڪ، ايس ايس پي علينا راڄپر ۽ شاهراهه فيصل ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو ۽ پوليس کي جوابدار جي گرفتاري جي هدايت ڪئي. ايس ايڇ او موجب، شروعاتي طور تي راهول کي سندس دوستن قتل ڪيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. مقتول جي وارثن پوليس کي چيو ته جاچ دوران قتل ۾ جيڪو به ملوث هجي ان کي گرفتار ڪيو وڃي، کين ڪو اعتراض نه هوندو. رپورٽ موجب ماسڪ پهريل شخص کي راهول سڃاتو هو ۽ کيس ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو، 10 منٽن تائين ڳالهه ٻولهه کانپوءِ جوابدار راهول تي حملو ڪيو. ماسڪ پهريل جوابدار جي سڃاڻپ سي سي ٽي وي ذريعي ٿي سگهي ٿي. مقتول جي ڀاءُ اوم ڪمار ٻڌايو ته کين شڪ آهي ته سندن ڀاءُ کي پنهنجي ئي دوستن ڦر ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪيو آهي. ڦورو فليٽ مان لکين رپيا روڪ رقم، 30 تولا سون به کڻي ويا آهن. واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڪيو ويو آهي. هن وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ وس وارن کي گهر ڪئي ته قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ ڦر ڪيل سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. مقتول راهول ڪمار جون آخري رسمون اباڻي شهر ۾ ادا ڪيون ويون. انجنيئر راهول ڪمار سينيئر صحافي مهيش ڪمار جي ساليءَ جو پٽ هو، سندس مامو پرڪاش لوهاڻو اين ايڇ اي ۾ آفيسر آهي. هن سول انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ نجي ڪمپني ۾ اسوسيئيٽ انجنيئر طور ڪم ڪري رهيو هو، سندس شادي 7 مهينا اڳ ٿي هئي. سندس گهرواري نائجيريا مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ڊاڪٽر طور ڪم ڪري ٿي.
راهول ڪمار جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن: وسند ٿري
ڪراچي (پ ر) روزاني سنڌ اخبار جي ايڊيٽر مَھيش ڪُمار جي مائٽ راھول ڪُمار کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر نور احمد ڪاتيار، نائب صدر حورالنساءِ پليجو، عبدالقادر رانٽي ۽ نور نبي پليجي گهر ڪئي آهي ته راهول جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. اڳواڻن چيو آهي ته ڪراچي جي گُلستانِ جوھر جهڙن علائقن کي به ڪچي جا علائقا بڻايا ويا آهن، ڪنهن به ماڻهو کي ڪوبه جاني مالي تحفظ نه آهي. هر هڪ شهري جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي آئيني ذميواري آهي. اڳواڻن سينيئر صحافي مهيش ڪمار سميت راهول ڪمار جي گهرڀاتين سان تعزیت ڪندي چيو آهي ته اسين هن ڏک جي گهڙين ۾ توھان سان برابر جا شريڪ آهيون.
يونس مهر، سارنگ لطيف مهر ۽ ٻين صحافين پاران راهول ڪمار جي قتل جي مذمت
ڪراچي (رپورٽر) روزاني سنڌ اخبار جي ايڊيٽر مَھيش ڪُمار جي مائٽ راھول ڪُمار کي بيدردي سان قتل ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي روزاني ھلچل جي چيف ايڊيٽر يونس مھر، ايڊيٽر سارنگ لطيف مھر، جوائنٽ ايڊيٽرجاويد مھر، بيورو چيف قاضي اعجاز، سينئر صحافين قاضي آصف، ذوالفقار راڄپر، نصرالله جمالي، سجاد ميراڻي، راھب ڳاھو، نور محمد ڪلھوڙو پاران حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته راهول جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. اڳواڻن سينيئر صحافي مهيش ڪمار سميت راهول ڪمار جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظھار ڪيو.