سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو،هٿيارن جي نمائش تي پابندي

ڪراچي (  رپورٽر ) سنڌ حڪومت 90 ڏينهن لاءِ صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان کان مستثنيٰ هوندا. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق رجسٽرڊ  پرائيويٽ سڪيورٽي ڪمپنيون به هٿيارن جي نمائش تي پابندي کان مستثنيٰ هونديون ۽ انهن جي گارڊن کي ڊيوٽي دوران هٿيار رکڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته سيڪيورٽي گارڊ گاڏين ۾ هٿيارن جي نمائش نه ڪري سگهندا. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرڊ پرائيويٽ سڪيورٽي ڪمپنين جا گارڊ کليل هنڌن، گشت يا ڊيوٽي تي هٿيارن جي نمائش نه ڪندا ۽ پنهنجا هٿيار گاڏين اندر رکن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.