اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل شهزاد سليم خلاف بدانتظامي تي نيب انڪوائري جو انڪشاف ٿيو آهي. نيب چيئرمين اڳوڻي ڊي جي نيب شهزاد سليم کي چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، اڳوڻي ڊي جي نيب شهزاد سليم نيب جي چارج شيٽ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس ارباب محمد طاهر اڳوڻي ڊي جي نيب شهزاد سليم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهزاد سليم خلاف ڪارروائي کان روڪيندي
-
پي ٽي آءِ کي پرامن سياست ڪرڻ گهرجي: سعيد غني/ناصر شاهه
ڪراچي ( رپورٽر ) صوبائي وزيرن سعيد غني ۽ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي اهڙن ملڪن کان مدد ملي رهي آهي جيڪي پاڪستان کي ترقي ڪندي ڏسڻ نٿا گھرن، معزز عدالت کي پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيڪو ڪيترن سالن کان التوا جو شڪار آهي. پي ٽي آءِ ۾ هڪ انتشار پسند ٽولو شامل آهي. اسان چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ وارا پرامن رهندي سياست ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير گّذريل ڏھاڙي ٽن ڏينهن جي پاڪ واٽر اينڊ انرجِي ايڪسپو 2024 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيووزيرن نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ غير ملڪي ڪمپنين جي جديد مشينري ۽ ٽيڪنالاجي جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.