عادلپور ڀرسان سونيون واليون ڦرڻ لاءِ پيرسن عورت بيدرديءَ سان قتل،لاش رکي ڌرڻو

عادلپور/گهوٽڪي ( رپورٽ : ياسين ابڙو+عرفان سومرو ) عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ راڄ واھ ۾ ڪمند جي فصل مان گاھ  ڪرڻ لاءِ ويل 60 ورھين جي پيرسن افروز ڪلوڙ کي نامعلوم ھٿياربند سخت تشدد جو نشانو  بڻائي پيرسن عورت کي گهٽا ڏئي عورت کي قتل ڪري۽ عورت جي ڪنن کي ڪپي ڪنن مان سونا والا لاھي ويا پيرسن عورت جي لاش کي ڇڏي فرار ٿي ويا اطلاع تي وارث پيرسن عورت جو لاش وارثن کڻي رورل ھيلٿ سينٽر عادلپور کڻي آيا جنهن بعد ڊاڪٽر موت جي تصديق ڪئي جنهن بعد وارثن  پيرسن عورت لاش کڻي عادلپور  شھر جي مين چوڪ تي رکي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي يوسي چيئرمين ظهور احمد ڪلوڙ، گل حسن ڪلوڙ،شاهنواز ڪلوڙ، محرم ڪلوڙ ٻين ڪئي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو اسان جي پيرسن عورت کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ان جي ڪنن کي ڪپي ان چار سونيون واليون لاهي ويا آهن عادلپور پوليس جوابدار گرفتار نه پئي ڪري گذريل پنجن ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري آهي مگر ڪو ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي انتظاميا ايتري نااهلي آهي وارثن ڳالهائڻ لاءِ ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي گھوٽڪي راڻا نصرﷲ ۽ عادلپور ايس ايڇ او عبدالحميد سڌايو پهتو جن ٽن ڏينهن جي مهلت گهري ورتي جنهن بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪيو جڏهن ته وارثن اهو به چيو ته مقتول جا قتل گرفتار نه ٿيا  ته وري ڌرڻو هنيو ويندو.عادلپور پوليس موجب معامري جي جاچ ڪري رھيا آھيون جلد واقعي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.