رياض(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، پاڻي جي شعبي کي بهتر بڻائڻ ۽ کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ’ون واٽر سمٽ‘ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ 2022ع ۾ آيل ٻوڏ تباهي مچائي، پاڪستان موسمياتي تبديليءَ سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقي پذير ملڪن جي مدد جي ضرورت آهي، هوڏانهن وزيراعظم سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪري کيس پاڪستان دوري جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي،هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جو فروغ پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ اهم آهي