فوج عوام جي حمايت سان مادر وطن خلاف سازش ناڪام بڻائيندي: آرمي چيف

سيالڪوٽ ( م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستاني فوج قوم جي حمايت سان مادر وطن جي علائقائي  سالميت ۽ خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پاڪ فوج ڪنهن به سازش کي ناڪام بڻائيندي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نارووال ۽ سيالڪوٽ جو دورو ڪيو ۽ فيلڊ ٽريننگ مشقن جو معائنو ڪيو، ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا ۽ انسپيڪٽر جنرل آف ٽريننگ اينڊ ايويوليشن آرمي چيف جو استقبال ڪيو.  ان موقعي تي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته هٿياربند فوج قوم جي پرعزم حمايت سان سمورن خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اسان هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته هو قومي حمايت سان مادر وطن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جو تحفظ ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا. آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف دشمن جي ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل تياري برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.