سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ قانون ۾ تبديلين جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت اليڪٽرانڪ ڏوهن کي روڪڻ واري پيڪا ايڪٽ ۾ وڏيون تبديليون ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، جنهن تحت هڪ نئين اٿارٽي قائم ڪئي ويندي، جنهن کي آن لائن مواد بلاڪ ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تائين رسائي کي روڪڻ سميت ڪوڙيون خبرون هلائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار هوندو.ذريعن موجب پروينشن آف اليڪٽرانڪ  ڪرائمز (ترميمي) ايڪٽ 2024‘ جي مسودي ۾ ڊجيٽل رائيٽس پروٽيڪشن اٿارٽي (ڊي آر پي اي) قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن کي آن لائن مواد هٽائڻ، ماڻهن کي ممنوع يا فحش مواد تائين رسائي يا شيئر ڪرڻ تي ڪيس هلائڻ ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي مواد شيئر ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جهڙا اختيار ڏيڻ جي تجويز شامل آهي، وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ ترميمن جي تصديق ڪندي چيو ته نئين شقن جو مقصد غلط ڄاڻ ۽ ناڪاري پروپيگنڊا کي ختم ڪرڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.