ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي آهي، بدامني تي ضابطو نه اچڻ سبب پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندڙ هندو ڪٽنب ڀارت روانو ٿي ويو. ڪنڌڪوٽ شهر جي 4 فردن پاران پنهنجي ديس کي ڇڏڻ وقت آخري ملاقات لاءِ آيل دوست احباب به پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيا ۽ لڙڪ لاڙيندي هندو خاندان سنجئي ڪمار ۽ سندس خاندان جي ٻين فردن کي ڪنڌڪوٽ مان الوداع ڪيو. ان حوالي سان سنجئي ڪمار روانگي کان اڳ چيو ته هتي جان ۽ مال محفوظ نه آهي، هندو برادري سان واسطو رکندڙ ماڻهو ڦرجندا ۽ اغوا ٿيندا رهن ٿا، ڪنڌڪوٽ ۾ اهو ڏينهن خالي ناهي جو ڪا واردات نه ٿيندي هجي. بدامني تي ضابطو نه اچڻ بابت ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته ڏوهارين خلاف ڪچي ۾ مسلسل آپريشن هلندڙ آهي ڌاڙيلن جو خاتمو آندو ويندو.