لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته پنجاب ۽ پاڪستان مان سياسي گند صاف ڪرڻ وڌيڪ ضروري آهي، پي ٽي آءِ طرفان بار بار ڀڃ ڊاهه جا سڏ ڏنا ويا پر پنجاب سندن هڪ به نه ٻڌي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي ناهي، دهشتگرد گروپ آهي جنهن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. سلمان اڪرم راجا چئي ٿو ته لاهور مان ڪنهن کي به وڃڻ نه ڏنو ويو. جڏهن ماڻهو نڪري وڃن ٿا ته انهن کي روڪڻ پوليس، انتظاميه ۽ حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي. ڪنهن ڏٺو ته ڪو ماڻهو نڪتو هجي. عوام هاڻ انهن تي ڌيان نه ٿو ڏئي.