حڪومت 7 ڊسمبر تائين مدرسن واري بل تي صحيح نه ڪئي ته پلان جوڙينداسين: فضل الرحمان

لاهور (م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت 7 ڊسمبر تائين مدرسن واري بل  تي صحيح نه ڪئي ته 8 ڊسمبر تي پشاور ۾ مستقبل جو پلان جوڙينداسين، لاهور ۾ جي يو آءِ اڳواڻ حافظ بلال دراني مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ مدرسا بل تي حڪومت کي ڏنل ڊيڊ لائن تي غور ڪيو ويو، مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت پنهنجي مرضي جي قانونسازي ڪري رهي آهي، پارليامينٽ مان منظور ٿيل اسان جي بل تي صحيح نه ڪري رهي آهي، حڪومت ٻڌائي ته مدرسن بابت پاس ٿيل بل تي اڃا تائين صحيح ڇو نه ٿي ڪري؟.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.