پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان جُڙيل هڪ آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ گنڊاپور يا سندس آواز ۾ ڪو شخص فون تي ڳالهائڻ دوران سامهون واري شخص کي گاريون ڏئي رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هي آڊيو علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ پنجاب جي اڳواڻ مهر شرافت علي وچ ۾ ٿيل ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو آهي، آڊيو ۾ مهرشرافت گنڊاپور کان پڇي ٿو ته ڇا هن اها وڊيو کي غور سان ڏٺو آهي؟ جنهن جي جواب ۾ گنڊاپور يا سندس آواز ۾ ڪو ماڻهو مهرشرافت ۽ عمران رياض کي گاريون ڏئي رهيو آهي، جواب ۾ مهر شرافت به ڪاوڙ ۾ اچي چوي ٿو تون پنج سئو ماڻهن کي مارائڻ کان پوءِ آيو آهين، انهن تي به فائر ڪرين ها ، انهن کي ڇو نه ماريو؟