ڪراچي ( رپورٽر ) چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه پي آءِ ڊي سي ويجهو وڻن جي وڍڻ جو سخت نوٽيس ورتو ۽ سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي فوري جاچ جو حڪم ڏنو ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي هدايت تي چار وڻن جي وڍڻ خلاف سول لائين ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر نمبر 156/2024 داخل ڪئي وئي آهي. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪائونسل (ڪي ايم سي) کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو انهن ملازمن خلاف قدم کڻي جيڪي ان غير قانوني عمل ۾ ملوث يا لاپرواهه ثابت ٿيا آهن. ان حوالي سان ڪي ايم سي ٻه نوٽيفڪيشن جاري ڪيا، جن تحت ڊائريڪٽر جنرل پارڪس اينڊ هارٽيڪلچر جنيدالله خان۽ ڊائريڪٽر ايم يو سي ٽي اخلاق الرحمان کي هيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ڪي ايم سي جي باغات کاتي جي ٻن آفيسرن ،انسپيڪٽر ۽ هڪ اهلڪار کي به معطل ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ کي 24 ڪلاڪن اندر واقعي جي تفصيلي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. چيف سيڪريٽري شهري علائقن، خاص طور تي ڪراچي ۾ وڻڪاري جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته وڻ وڌندڙ آلودگي کي منهن ڏيڻ ۽ ماحولياتي پائيداري کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.