اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت خرچ بچائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ 446 يوٽيلٽي اسٽور بند ڪري ڇڏيا جڏهن ته 500 کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي. يوٽيلٽي اسٽورن جي ذريعن موجب اسٽورن جي بندش باوجود ڪنهن ملازم کي نوڪري مان نه ڪڍيو ويندو، جن اسٽورن جي آمدني گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ هو انهن کي بند ڪيو ويو. گهڻو ڪري ملڪ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ يوٽيلٽي اسٽور بند ڪيا ويا. ذريعن موجب ريگيولر ۽ فرنچائز کي ملائي يوٽيلٽي اسٽورن جو ڪل انگ 5 هزار 130 آهي جڏهن ته ڪل 3 هزار 982 ريگيولر اسٽورن مان 446 بند ڪيا ويا ۽ 1148 فرنچائز اسٽورن مان هڪ به بند ناهي ڪيو ويو. ريگيولر اسٽورن جو انگ 3 هزار تائين وڌائڻ جو پلان پڻ تيار ڪيو ويو آهي.
-
شهباز شريف جي حڪومت ناجائز آهي، هو ان جو حقدار ناهي: محمود خان اچڪزئي
ڪوئيٽا (م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو ته شهباز شريف جي حڪومت ناجائز آهي، هو ان جو حقدار ناهي. ڪوئيٽا ۾ عبدالصمد خان اچڪزئي جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته پي ٽي آءِ باني جي حقيقي آزادي واري ڳالهه جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته جيستائين هر ادارو پنهنجو ڪم ڪندو پاڪستان قائم رهندو، جنهن پارٽي کي حقيقي ووٽ مليا ان کي حق ملڻ گهرجن. محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته اهڙو پاڪستان بڻائينداسين جنهن ۾ سڀني قومن کي برابر جا حق ملن، جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪندو، روڊ بلاڪ ڪندو ته حڪومت کي گوليون هڻڻ جو ڪو به حق ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي اسيمبلي ۾ نه ڇڏيو ويو ته اها اسيمبلي اوهان کي مبارڪ هجي، شهباز شريف جي حڪومت ناجائز آهي، هو ان جو حقدار ناهي.
-
خضدار مان 8 سال اڳ گم ٿيل 2 ڄڻن جي لاشن جي باقيات هٿ
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي خضدار جي تعلقي زهري مان 8 سال اڳ لاپتا ٿيل ٻن نوجوانن جي مڙهن جي باقيات هٿ آئي. عابد حسين پٽ غلام حسين عمراڻي ۽ مست خان پٽ گهنور خان لوٽاڻي 8 سال اڳ لاپتا ٿيا هئا جن جي لاشن جي باقيات زهري گزان ڪوچو ۾ روڊ وٽان ملي. مقتولن جي سڃاڻپ اتان هٿ آيل پرچين مان ٿي جن تي سندن نالا لکيل هئا. هٿ آيل مڙهن جي باقيات وارثن حوالي ڪئي وئي.
-
سنڌ جو پاڻي ڪنهن کي به چوري ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: سراج دراني
ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻو صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڪنهن کي به پاڻي چوري ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، سنڌو درياهه تي ڪو به ڪينال منظور نه ڪيو ويندو. پيپلزپارٽي جو موقف هميشه واضح موقف آهي. سنڌ جي زمين کي بنجر ٿيڻ نه ڏنو ويندو. چيئرمين پيپلز پارٽي ان معاملي تي واضح موقف رکي ٿو. اهڙي ڳالهين جو اظهار احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو آهي .ان کان اڳ احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن ٺاهه جي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران آغا سراج دراني ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت جوابدارن جي درخواست تي نيب چيئرمين کي ريفرنس واپس موڪلڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتوآهي. عدالت چيو ته فيصلو 6 ڊسمبر تي ٻڌايو ويندو.عدالت ۾ آغا سراج دراني جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته نيب آغاسراج دراني جي گهرواري کي غيرقانوني طور تي جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي .وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نيب قانون ۾ تبديلي کانپوءِ اهو ريفرنس عدالت جي دائري ۾ نه ٿو اچي.