ٽنڊي ڄام ۾ ناچڻي جي مارجڻ جو ڪيس گهوٽ سميت 5 ڄڻن خلاف داخل

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ شادي تقريب ۾ گولي لڳڻ سبب ناچڻي مھندي راجپوت مارجڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ٽنڊو ڄام پوليس مقتولا جي پيءُ ارشد راجپوت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو جڏهن ته ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي. پوليس موجب 2 ڏينھن اڳ ٽنڊو ڄام ۾ شادي تقريب دوران ناچڻي گولي لڳڻ سبب مارجي وئي هئي. ڪيس ۾ جوابدار ظفر ناھيون ۽ گھوٽ ڄامل پسيو  سميت 5 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي. فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڌيءَ کي جوابدار ظفر ناھيون رپيٽر جا فائر ڪري ماري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.