عدالت دائود يونيورسٽي جي وي سي کي نئين ڀرتين ۽ جوائننگ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ  ڪورٽ ۾ دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ اڳوڻي وي سي  جي دور ۾ 18 گريڊ جي  آفيسرن جي غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت  دائود انجنئرنگ يونيورسٽي جي وي سي کي ڪنهن به قسم جي ڀرتي ۽ جوائننگ ڏيڻ کان  روڪي ڇڏيو . عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي چيف  سيڪريٽري سنڌ ، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ، وي سي دائود انجنئرنگ يونيورسٽي ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتوآهي . عدالت اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر کي رپورٽ سميت 24 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي .هن کان اڳ عدالتي حڪم تي اينٽي ڪرپشن کاتي اڳوڻي وي سي فيض الله عباسي جي دور ۾ 2014 کان 2022 تائين غيرقانوني 18 گريڊ ۾ ڀرٿي ٿيل آفيسرن جو وي سي دائود يونيورسٽي کان ريڪارڊ طلب ڪري ورتوآهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.