ٽنڊو آدم (ن ع آ) ٽنڊو آدم ۾ پاڙيسري نوجوان پاران تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ تان ناري ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو. ڳوٺ الهيار مري جي ثنا روشن ڪالوني ۾ 13 سالن جي نينگري عروج ڌيءَ جهانگير ڪشميري گهر اندر رئي سان ڦاهو کائي انت آندو، فوتڻ جو لاش بي سيڪشن پوليس ۽ وارثن پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو. نينگري جي ماءُ سونيا ڪشميري پوليس ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام مڙهيو ته پاڙيسري عمران خان کوسو ڌيءَ کي بليڪ ميل ڪندو هو. هن منهنجي ننڍي ڌيءَ ڪائنات ذريعي نياپو موڪليو ته هن عروج جي تصوير سوشل ميڊيا تي رکي آهي. اهڙي عمل سبب ڌيءَ دلبرداشتا ٿي انتهائي قدم کنيو. هن گهر ڪئي ته جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.