ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سست رفتاري ۽ سوشل ميڊيا ۾ رنڊڪون معمول

اسلام آباد( ع آ نيوز) ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي اڻ اعلانيل بندش سبب عام ماڻهو به سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ڪميونيڪيشن ايپ واٽس اپ تي آڊيو پيغام يا  تصويرون يا وڊيوز ڊائون لوڊ ۽ اپ لوڊ نه ڪرڻ جون شڪايتون پڻ عام آهن. اهو سڀ ڪجهه اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن وزيراعظم شهباز شريف رياست خلاف ’قابل مذمت پروپيگنڊا‘ ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي لاءِ 10 رڪني گڏيل ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. شزا فاطمه خواجا چيو ته اسان صارفين کي گذارش ڪريون ٿا ته اهي پي ٽي اي جي ويب سائيٽ ذريعي پنهنجي آئي پي پيز جي رجسٽريشن جاري رکن. ڊجيٽل رائيٽس تي ڪم ڪندڙ هارون بلوچ جو چوڻ آهي ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ وي پي اين عملي طور ڪم نه ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي جلسي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ خراب ٿي وئي آهي ۽ جڏهن صارفين وي پي اين ذريعي انٽرنيٽ تائين رسائي جي ڪوشش ڪئي ته معلوم ٿيو ته انٽرنيٽ به بند ڪيو ويو آهي. هارون بلوچ چيو ته 30 نومبر جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ ئي فائر وال کي چالو ڪيو ويو هو ۽ اهڙو مواد جنهن جو سياسي مخالفن سان تعلق هجي بلاڪ ڪيو ويو آهي. انٽرنيٽ اسپيڊ سان لاڳاپيل ويب سائيٽ ”ڊائون ڊيڪٽر“ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سوشل ميڊيا سائيٽن تي سروس نه ملڻ جون شڪايتون مليون آهن. جنهن ۾ واٽس ايپ بابت ٻڌايو پيو وڃي ته صارفين کي ان تي وائس ميسيجز ۽ نارمل ميسيج موڪلڻ ۾ به مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.