غيرذميوار صحافت لاءِ ڏنڊو تيار، اسٽيبلشمينٽ اندر عمران جا شيدائي موجود

لاھور (عمران شفقت) ھاڻي وارو انھن جو ايندو جيڪي صحافت جي نالي تي پاڪستان اندر ڏڦيڙ پيا پکيڙين، انھن کي کليل ڇوٽ نھ ڏني ويندي.ھڪ وڏو پاڪستاني صحافي آھي جنھن کي ھاڻي آرمي چيف ، ڊي جي آئي ايس آئي وغيرھ لفٽ نھ ٿا ڪرائين سو ان ساڙ ۾ ورتل آھي. موجوده آرمي چيف ميڊيا جي ماڻهن کان پاڻ کي پري رکيو آھي. ايتري تائين جو ھڪ ملاقات دوران مجيب الرحمان شامي کين چيو تھ ڪڏھن ڪڏھن ملاقات ٿين گھرجي تھ ان تي بھ آرمي چيف چيو تھ پاڪستان قائم رھندو ڪيڏانھن نھ ويندو ۽ توھان سان ملي بھ مان اھا ئي ڳالھ ڪندس تھ ماڻھن کي نھ ڊيڄاريو ،غير ذميوار صحافين خلاف  مصيبت اچڻي آھي. پر شروعات غلط ٿي آهي جيڪا مطيع الرحمان کان ٿي آھي.ھاڻي وزيراعظم ھائوس پاران ھڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آھي جيڪا رياست خلاف پروپيگنڊا جي باري ۾ جاچ ڪندي ۽ رپورٽ پيش ڪندي.چيئرمين پي ٽي اي ان جي اڳواڻي ڪندو، جوائنٽ سيڪريٽري گهرو وزارت، جوائنٽ سيڪريٽري اطلاعات، ڊائريڪٽر سائبر ڪرائم ، ايف آءِ اي، آئي بي، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جو نمائندو ۽ ٻيا اھم عھديدار ان جوحصو ھوندا. ڏھن ڏينھن اندر اھا رپورٽ ڏيندي ۽ حل بھ پيش ڪندي.ھن فورس مان بھ لڳي ٿو ڪو فائدو ناھي ٿيڻو، جيئن فائروال تي وڏو پيسو خر چ ڪرڻ باوجود ڪو لاڀ نھ ملي سگھيو آھي. ھاڻي اصل خطرو پاڪستان اندر وارن مان ناھي پر جيڪي ٻاھرين ملڪن ۾ ويھي پروپيگنڊا ڪن ٿا اھي مسئلو آھن. اسان پھريون طالبان پيدا ڪيا پوءِ سنڀالڻ ڏکيا ٿي ويا، جنرل باجوا ۽ آصف غفور جيڪي ڪي بورڊ ويڙهاڪ تيار ڪيا  ھاڻي اھي ڳچي  ۾ پيل آھن، فوج پنھنجي ئي پروپيگنڊا جو پاڻ شڪار ٿي ۽ اها به حقيقت آهي ته اسٽيبلشمينٽ اندر وڏن وڏن آفيسرن جا گھر وارا عمران خان جا سپورٽر آھن، ڇا انھن کان پڇيو ويندو؟ ھڪ جنرل فيض حميد پڪڙيو ويو تھ پري تائين نياپو پھتو. ڇا توھان ٻين کي بھ پڪڙيندئو  جيڪو توھان جو تجربو ناڪام ويو آھي تھ پوءِ اھي پاڻ ٻڌائيندا ان جي باري ۾.ٽاسڪ فورس بجاءِ  پارليامينٽ اندر اسان کي قانون ٺاھڻو پوندو.اھڙو ھڪ تجربو جرمني ۾ بھ ٿيو ھيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 03 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.