اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ڪابينا پرتشدد انتهاپسندي کي روڪڻ بابت قومي پاليسي 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته خاص عدالتن جي حدن/ دائري ۾ تبديلي ۽ اجينو موتو گهرائڻ تي پابندي ختم ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي مونوسوڊيم گلوٽاميٽ (اجينو موتو) جي درآمد تي پابندي هٽائڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني.اهو فيصلو ماهرن جي خاص ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي جنهن کي وزيراعظم آفيس جي هدايتن تي مونوسوڊيم گلوٽاميٽ جي انساني صحت تي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيو ويو هو، ان ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اجينو موتو کي انساني صحت لاءِ محفوظ قرار ڏنو ويو آهي، وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام بابت قومي پاليسي 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان کان قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي حڪمن جي روشني ۾ خصوصي عدالتن جي حدن ۾ تبديلي جي منظوري ڏني وئي، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڪوئيٽا جي حڪمن جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا اسپيشل ڪورٽس (ڪسٽم، ٽيڪسيشن ۽ اينٽي اسمگلنگ) ڪوئيٽا ۽ خضدار جي دائري اختيار ۾ تبديلي جي منظوري ڏني، رپورٽ موجب وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ، ڪوئيٽا جي حڪمن جي روشني ۾ سيشن ججن ۽ ٻين لاڳاپيل عدالتن کي وڪيلن کي تحفظ فراهم ڪرڻ واري ايڪٽ 2023 تحت ڪيس ٻڌڻ جي به منظوري ڏني، ڪابينا کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي 70 مهينن کانپوءِ پنهنجي گهٽ ترين سطح تي پهچي وئي آهي. جيڪا پاڪستان لاءِ خوشخبري آهي، 2018ع ۾ نواز شريف جي دور ۾ مهانگائي 3.5 سيڪڙو هئي، هن مهيني اها 4.9 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. هن چيو ته مهانگائي ئي واحد اوزار آهي جيڪو غريب ماڻهو جي زندگيءَ ۾ وڌيڪ ڏکيائي يا آرام آڻيندو آهي، ان سان عام ماڻهوءَ جو بار گهٽ ٿيندو، اميد رکڻ گهرجي ته اسٽيٽ بئنڪ جي ايندڙ اجلاس ۾ پاليسي شرح گهٽ ٿيندي. اڳتي وڌڻ جي گنجائش هوندي جنهن جو فيصلو مرڪزي بينڪ کي ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن جي ڌرڻن سبب سڄي ملڪ ۾ هڙتال رهي، خاص طور تي اسٽاڪ ايڪسچينج 3500 پوائنٽس گهٽجي وئي، جڏهن اهي مظاهرين ڊي چوڪ کان پوئتي هٽي ويا. اسٽاڪ مارڪيٽ ٻيهر ٽپو ڏنو ۽ مارڪيٽ نقصان وڃائي ڇڏيو ۽ منافعو وڌايو، هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي غيرقانوني هٿڪنڊن سان ملڪ جي بي عزتي ڪرائي، وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ اسيمبليءَ ۾ بيهي چيو ويو ته پائلٽس جون ڊگريون جعلي آهن، اهڙن بيان سان گهڻو نقصان ٿيو،