لاهور (معظم فخر)پاڪستان تحريڪ انصاف پاران فنڊريزنگ جي سلسلي ۾ ھڪ ويب سائٽ لانچ ڪئي وئي آھي. اھا ويب سائٽ صرف تحريڪ انصاف جي جلسن جلوسن تي خرچ لاءِ فنڊ ريزنگ جو فارمولو آھي ۽ دنيا مان ڪير بھ پي ٽي آئي کي فنڊ ڪري سگھندو اھا ويب سائٽ پاڪستان ۾ نھ پئي کلي. جڏھن تھ فنڊ ڏيندڙ جو پاڪستاني ھجڻ بھ ضروري ناھي.فنڊ ڏيندڙ اسرائيلي ھجي انڊين ھجي يا آمريڪي ھجي ان تي ڪا بھ پابندي ناھي رکي وئي. ٻئي پاسي پاڪستان اندر پي ٽي آئي پاران احتجاج جون تياريون ڪيون ويون آھن ۽ پلان بي بھ تيار ڪيو ويو آھي ان صورت ۾ تھ اگر حڪومت پابندي يا رنڊڪون وجھي ٿي تھ ڇا ڪرڻ گھرجي. ٻئي پاسي پنجاب جي ٻھ ڊويزنن جي پي ٽي آئي ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ پارٽي اڳواڻن جو زوم اجلاس ٿيو حماد اظھر کين ھدايت ڏني آھي تھ ھر تڪ مان ماڻھو نڪرندا ۽ جتي جتي پوليس کين سامھون اچي ڦڏي فساد وارو نھ صرف ماحول پيدا ڪرڻو آھي بلڪ ان جي فلم بندي بھ ڪرڻي آھي ۽ انھن کي واٽس ايپ ۽ ويب سائٽن تي فوري طور تي رکڻو بھ آھي تھ جئين دنيا کي ڏيکاري سگجھي.حماداظھر اھو بھ چيو تھ جيڪو ايم پي اي ، ايم اين کي اسلام آبادنھ پھچندو ان کي بليڪ لسٽ ڪيو ويندو،. جنھن تي فيصل آباد ڊويزن جي اڳواڻ کيس چيو تھ توھان حقيقتن جي ابتڙ ڳالھ ڪري رھيا آھيو ۽ ٻنھي ۾ تلخ ڪلامي بھ ٿي،ٻئي پاسي افغان بستي مان بھ افغانين کي آڻڻ جي تياري ڪئي وئي آھي جيڪي اسلام آباد ۾ افغان بستي ۾ ترسيل آھن.