شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي )ڪراچي کان اسلام آباد لاءِ پي ٽي آءِ پاران حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ قافلو شڪارپور باءِ پاس پھتو ته پوليس اھلڪار ۽ ڪارڪن آھمون سامھون ٿي ويا، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ نڪتل قافلي جي آڏو شڪارپور پوليس پاران رکيل رڪاوٽون ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پاران ھوائي فائرنگ ڪئي ۽ ڪارڪنن جي مزاحمت سبب شڪارپور باءِ پاس ميدان جنگ بڻجي وئي، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي کي ملائيندڙ نيشنل ھاءِ وي تي پي ٽي آءِ پاران حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو لڳايو ويو، ڪجهھ ڪلاڪن بعد ايس ايس پي شڪارپور شاھه زيب چاچڙ پھچي قافلي وارن سان ڳالھيون ڪري گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪرائي قافلي کي منزل طرف وڃڻ جي اجازت ڏني، ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ پوليس آصف زرداري جي بي ٽيم بڻجي وئي آهي ڪارڪنن مٿان تشدد جو حساب ڪتاب ٿيندو ،پي ٽي آئي جي ڪارڪنن ھميشه ظلم جو مقابلو ڪيو آھي ڪندا رهنداسين