اسلام آباد(م ڊ) نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ فتنا خوارج طرفان امڪاني دهشتگرد ڪاررواين جي خطري جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، نيڪٽا جو چوڻ آهي ته فتنا خوارج پي ٽي آءِ جي 24 نومبر جي احتجاج کي دهشتگردي جو نشانو بڻائي سگهن ٿا، نيڪٽا طرفان ٻڌايو ويو آهي ته فتنا الخوارج جي دهشتگردن جي افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جا اطلاع آهن، فتنا خوارج جا دهشتگرد وڏن شهرن ۾ دهشتگردي ڪري سگهن ٿا، نيڪٽا چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جيز، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير کي خطرن کي نظر ۾ رکندي قدمن لاءِ خط به موڪلي ڇڏيو آهي،
-
اڳ ئي چيو هو ته عمران خان جي سياسي قبر پنهنجا ئي کوٽيندا: فيصل واوڊا
اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته حڪومت احتجاج ڪندڙن کي ڌوٻي گهاٽ جيان ڌوئڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته مون چيو هو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سياسي قبر سندس پنهنجا ئي کوٽيندا ۽ ائين ئي ٿيو. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ڪير اسلام آباد آيو ته توهين عدالت تحت ايم اين اي، ايم پي اي جي سيٽ وڃائڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته هائوس اريسٽ يا وري مڇ جيل واري ڳالهه نه وساريو، جيڪي آزاد ٿيا انهن جي به گرفتاري ٿي سگهي، پوءِ شڪايت نه ڪجو.