حيدرآباد: سنڌ رواداري ڪميٽي جي مارچ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون ڪرڻ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڊيلٽا جي بحالي ۽ لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ حوالي ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ روزانو 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي، درياهه کي سڪائڻ بجاءِ پاڻي جا وهڪرا جاري رکيا وڃن. سنڌو درياهه مان سنڌ جي اجازت ۽ راضپي کانسواءِ اڳ ۾ ڪڍيل سمورا غير قانوني ڪئنال ۽ اڏيل ڊيم ختم ڪري پاڻي جي وهڪرن آڏو وڌل رڪاوٽون هٽايون وڃن. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي عدالت کان مٿانهين قتل بابت جوڙيل جوڊيشل ڪميٽي جي رپورٽ مڪمل ٿيڻ شرط ئي عوام اڳيان پڌري ڪئي وڃي ۽ ملوث پوليس اهلڪارن، آفيسرن، هشي ڏيندڙ انتهاپسندن ۽ پوسٽ مارٽم جي ڪوڙي رپورٽ ڏيندڙ ڊاڪٽرن کي گرفتار قاتلن کي گلن جا هار پارائيندڙ پيپلزپارٽي جي مقامي ايم اين اي کي ڊي سيٽ ڪيو وڃي، پاڪستان گرين انيشيئٽو پروگرام کي ختم ڪري زرعي سڌارا آڻي سنڌ جي 85 سيڪڙو زمين بي زمين هارين توڙي هارياڻين کي ڏئي کين مالڪاڻا حق ڏنا وڃن، مختلف ڏوهن، ڪوڙن الزامن ۽ سياست جي نالي تي شهرين جي گمشدگي ۽ انهن جي عدالت کان مٿانهن قتلن جي پاليسي ختم ڪئي وڃي.
-
حيدرآباد ۾ اسان جو به احتجاج رٿيل هو،ٻه قانون نظر آيا:ٽي ايل پي
حيدرآباد(رپورٽر) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن سليمان سروري، حافظ ساجد، حافظ محمد ياسين ۽ ٻين ڪالھ شام جو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽي ايل پي جو 23 نومبر تي احتجاج اعلانيل ھو پر حيدرآباد شھر ۾ ٻه قانون نظر آيا. ھڪ لبرل طبقي جو احتجاج ھو ۽ ٻيو ٽي ايل پي جو احتجاج اعلانيل ھو. اسان احتجاج لاءِ سڀ کان پھريان انتظاميا کي درخواست ڏني ھئي، ھنن چيو ته اڄ حيدرآباد ۾ قانون جو غلط استعمال ڪندي اسان جي ڪارڪنن تي ڳوڙھا آڻيندڙ گيس ۽ لٺين جو استعمال ڪيو ويو ۽ اڳواڻن سميت ھڪ درجن کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ھنن چيو ته اسان احتجاج لاء ھر طرح جو قانوني رستو اختيار ڪيو ۽ رواداري ڪميٽي جي احتجاج تي پنھنجي خدشن بابت به انتظاميا کي آگاھ ڪيو ھو. اسان جي ضلعي اڳواڻن جي گھرن تي ڇاپا ھڻي ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ سميت بربريت ڪئي وئي آھي. ضلعي امير سميت ھڪ درجن کان وڌيڪ گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪيو وڃي.
-
”سنڌوءَ خاطر جهيڙو آ، ڪئنال سمورا نامنظور“ جا نعرا
حيدرآباد: مارچ ۾ نعرن جي گونج رهي، هزارين ماڻهو سخت نعريبازي ڪندا رهيا. سنڌو تهذيب تي حملو نامنظور، سنڌوءَ خاطر جهيڙو آ، پاڻيءَ خاطر جهيڙو آ، ڪئنال سمورا نامنظور، ڊيم سمورا نامنظور، جيسين سنڌوءَ ۾ واري رهندي جنگ اسان جي جاري رهندي، لطيف جي ڌرتي، امن ٿي چاهي، لطيف جي ڌرتي امن جي ڌرتي، رواداري زندا باد، انتهاپسندي مرده باد، انتهاپسندي نامنظور، رجعت پرستي نامنظور، جيسين مارا ماري رهندي جنگ اسان جي جاري رهندي ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن کي گرفتار ڪريو جهڙا نعرا هنيا ويا.
-
مارچ سبب سيڪيورٽي الرٽ،پوليس اهلڪار چوڪس نظر آيا
حيدرآباد: مارچ جي موقعي تي حيدرآباد ۾ سڪيورٽي هاءِ الرٽ رهي، مختلف هنڌ تي پوليس جا وڏا اٽالا مڪمل انتظامن تحت مقرر ٿيل هئا. اسٽيٽ بينڪ، گل سينٽر، ايس پي چوڪ، حيدر چوڪ، گول بلڊنگ ۽ صدر سميت مختلف علائقن ۾ وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار بيٺل نظر آيا. جڏهن حيدرآباد پريس ڪلب کان وٺي اولڊ ڪيمپس تائين روڊ کي مڪمل طور تي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪري سيل ڪيو ويو هو.
-
پاڪستان سان گڏ سنڌودرياهه به کپي:بشير احمد شاهه
حيدرآباد: سنڌ يونائيٽيڊ فورم جي صدر بشير احمد شاھ آبادگارن جي ريلي ۾ چتاءُ ڪندي چيو ته اسان کي پاڪستان سان گڏ سنڌ ۽ سنڌو درياھ به کپي، سنڌ جي وحدت ۽ ٻولي تي ڪابه سوديبازي قبول نه ڪنداسين، جيڪڏهن ڪينالن وارو فيصلو واپس نه ٿيو ته صدر آصف زرداري جو نوابشاھ ۾ گھيرو ڪنداسين.17
-
مارچ ۾ خواجا سرا برادري جي به نمائندگي
حيدرآباد: مارچ ۾ ٽرانسجينڊر ڪميونٽي جي نمائندگي به رهي، جن جي هٿن ۾ سنڌو درياهه جي تحفظ ۽ روادار سنڌ جي لاءِ لکيل نعرن وارا بينر به کنيل هئا.