سنڌ حڪومت ناڪام، اوٻاوڙو ويجهو 3 پورهيت اغوا، زنجيرن سان ٻڌل وڊيو وائرل

اوٻاوڙو ( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو لڳ سنڌ پنجاب جي سرحدي علائقي پنجاب جي ڀنگ ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھاري سرگرم ڀنگ پوليس ڏوھارين اڳيان بيوس بڻيل علائقي واسي گھرن تائين محدود ڏوھارين  دبران والا موضع مراد ماڇي لڳ ڪمند جي ڪٽائي لاءِ ويندڙ ٽن پورھتين عابد حسين، ظھور احمد ۽ عبدالشڪور وارن کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي اغوا ڪري ويا ڏوھارين پاران مغوين جا ھٿ زنجيرن سان ٻڌي تشدد واري وڊيو ۽ فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيا ھوڏانھن ڪجھه عرصو اڳ اغوا ڪيل اقليتي برادري جو پورھيت  منور مينگهواڙ کي وائرل ڪيل تصويرن ۾ ڏيکاريو ويو آھي جڏھن ته  مغوين جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.

  • قانون جي رٽ ختم،ڪشمور ڀرسان 3 پورهيت اغوا، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪشمور( ڊ ر ) ڪشمور جي نائچ ڳوٺ ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن المدينه ھوٽل تي چڙهائي ڪري ھڪ ڊرائيور سميت ٽن ڄڻن عبدالطيف پٺاڻ حبيب الله سرڪي، ظھير چاچڙ کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ڪشمور ٿاڻي جي پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي عمل ۾ نه آندي ٽن ڄڻن جي اغوا بعد ڪشمور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل مغوين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو ڪشمور پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي گذريل رات اغوا ٿيندڙ ٽرڪ ڊرائيور ۽ مزدورن جي وارثن روڊ بند ڪري ڇڏيو ڪشمور پوليس جي ٽن ڏينهن جي مھلت وٺڻ بعد روڊ کوليو ويو مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته ڪشمور پوليس امن امان قائم ڪرائڻ سميت تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي سرعام ھٿياربند روڊ رستن تي گھمن ٿا وارداتون ڪن ٿا ڪشمور پوليس رستا روڪ ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي ڪشمور مان اغوا ٿيل سڀني مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.