مڪلي ويجھو نوجوان جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ

ٺٽو( ڊ ر ) مڪلي ويجھو ترڪش ڪالوني مڪلي واسي نوجوان جو مبينا طور تي گولي لڳل لاش هٿ اچڻ واري اطلاع تي پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري واقعي جي گھڻ رخي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ واقع ٻوڏ متاثرن جي رهائشي ترڪش ڪالوني جي رهواسي نوجوان عبدالمجيد ميمڻ جو مبينا طور تي سندس گھر ۾ گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي،  مڪلي پوليس اطلاع ملڻ تي فوتي نوجوان جي لاش کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاءِ سول اسپتال ٺٽو مڪلي منتقل ڪري ڇڏيو ٻڌايو وڃي ٿو ته سجاول واسي نوجوان ڪجھه وقت اڳ ٺٽي ويجھو 103 موري جي رهواسڻ سان شادي ڪئي هئي، پوليس واقعي جي ابتدائي جاچ ۾ مقتول نوجوان جي گھر واري رضيا کي حراست ۾ وٺي سندس بيان وٺڻ بعد وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.