ڳڙھي ياسين ويجهو سارين جي ول چوري الزام هيٺ هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڳڙھي ياسين( رپورٽ: حبيب الله ڪمبوھه) ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي جي وانڍ ۾ زرعي زمين مان سارين جي ول  چوري ڪرڻ تان ڀاڳين ۽ چورن ۾  فائرنگ ھڪ چور مبييانه طور مارجي ويو ، جنھن جي بابل ولد گلڻ شر ويٺل ڳوٺ رکيل شر جي وانڍ طور ڪئي وئي ، مارجي ويل نوجوان بابل شر جو لاش وارث کڻائي ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي آندو ، جتان پوليس ليٽر ڏيئي مارجي ويل جو لاش کڻائي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ، مقتول بابل شر جي سئوٽ لکمير شر ٻڌايو ته منھنجو سئوٽ بابل شر پنھنجي دوستن سان گڏ پنھنجي زمين ۾ ول تي پھرو ڏيڻ لاءِ وڃي رھيو ھو ته جيھا برادري جي ماڻھن کيس رستي ۾ بيگناھ قتل ڪيو آھي ، ٻئي طرف جيها برادري جي چڱي مڙس خير محمد عرف خيرل جيھو چيو ته اسان ڪنهن به چور کي ناهي ماريو مارجي ويل چور کي پنهنجي ئي ساٿين ڪنهن ٻئي هنڌ قتل ڪرڻ بعد لاش کڻي اچي اسان جي ڳوٺ ٻاھران ڦٽو ڪري ويا  .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.