سنڌو سنڌ جي عوام جو ساهه ۽ جياپي جو ذريعو

تحرير: ڪاشف سعيد شيخ

سنڌ جي ٻين اهم بنيادي مسئلن سان گڏ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙو، سنڌو درياهه مٿان ڊيم ٺاهڻ، ڪينال ڪڍڻ سنڌ جا اهم مسئلا آهن. آدمشماري، ٻولي، ڌاري آبادڪاري، ” گرين پاڪستان“نالي طاقتور ڌرين جي منصوبي ذريعي قيمتي زمينن تي والار، ڪارونجهر جي ڪٽائي کان ويندي سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ولار جهڙا اشوز سنڌ جي مستقل مسئلن ۾ شمار ٿين ٿا. حڪمران طبقي پاران 1947ع کان وٺي هن مهل تائين  مختلف شڪلن ۾ سنڌ جو استحصال جاري آهي جنهن ۾ بدقسمتي سان هتان جي سڀ کان وڌيڪ عرصو اقتدار ۾ رهندڙ پارٽي به مڪمل طور تي ڀائيوار رهي آهي. هن وقت سنڌ جنهن وڏي ۽ اهم  مسئلي کي منهن ڏئي رهي آهي، اهو سنڌو جي پاڻي تي ڇهه نوان ڪينال جوڙي ڌاڙو هڻڻ آهي. ارسا ايڪٽ ۾ غير آئيني ترميم وسيلي ارسا کي وزيراعظم جي ماتحت ڪري اتان چولستان رٿا، جنھن تحت پنجاب جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي، ان لاءِ بنا روڪ ٽوڪ مرضيءَ جا فيصلا وٺڻ سان گڏ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ آهي. سنڌو درياهه مٿان ڊيم ۽ ڪينال ٺاهي نه فقط سنڌ کي معاشي طور ڌڪ رسايو پيو وڃي، نه صرف سنڌو تهذيب کي ميساريو پيو وڃي پر ان سان گڏ انڊس ڊيلٽا جيڪا دنيا جي پنجين نمبر وڏي ڊيلٽا آهي، ان جو وجود ئي ختم ڪيو ويو آهي. ڊيمن ۽ ڪينالن وسيلي سنڌو درياهه مٿان بند ٻڌا ويا آهن، جنھن سبب سنڌو درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه پيو ٿئي. سنڌ سان ٻه اکيائي تي ٻڌل پاليسين سبب انڊس ڊيلٽا هن وقت سُڪل آهي. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻيءَ جو ڇوڙ تمام گهٽجي ويو آهي. جنهن ڪري ضلع ٺٽي ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪي آهي، هزارين ڳوٺ ويران ۽ لکين ماڻهو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن،  تمر جا ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن جڏهن ته مڇي مرڻ جو انگ گهٽجي ويو آهي، جهنگلي جيوت جا ڪيترائي قسم ناپيد ٿي ويا آهن، پکين جا ڪيترائي قسم ختم ٿي ويا آهن.

1991ع واري پاڻي معاهدي تحت 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ ڏانھن ڇوڙ ڪرڻو هو پر سال 2000ع کان 2010ع تائين صرف 2008-2009ع ۾ 5.8 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏيو ويو، جڏھن ته سال 2004-2005ع ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ انڊس ڊيلٽا ڏانھن پاڻي ڇوڙ فقط 0.2 ملين ايڪڙ فوٽ رهيو.

ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي هڪ رپورٽ موجب، هن صديءَ جي آخر تائين سمنڊ جي سطح ۾ 60 سينٽي ميٽر جو وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ گھڻو ڪري ڪراچيءَ جي ڏکڻ ۾ ڪيٽي بندر ۽ انڊس ڊيلٽا جا هيٺيان سامونڊي علائقا ان کان متاثر ٿيندا. ڪجهه رپورٽن موجب 2050ع تائين ٺٽو مڪمل طور تي سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هوندو. انتهائي تڪليف سان چوڻو ٿو پوي ته  اقوامِ متحده پاران جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ سنڌو درياهه کي دنيا جي مرندڙ دريائن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. هڪ طرف سنڌو درياهه جي اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف موجوده شهباز حڪومت جنهن کي پيپلزپارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل آشيرواد حاصل آهي ان پاران پنجاب جي چولستان واري علائقي جي لکين ايڪڙ غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌوءَ درياهه مٿان 6 نوان ڪينال ڪڍيا پيا وڃن. گرين پاڪستان منصوبي تحت صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ انھن ڪينالن ۽ ارسا ايڪٽ ترميم جو اعلان ڪيو ويو. جنهن تي صدر زرداري صحيح ڪري چڪو آهي. ان کانپوءِ سموري سنڌ  جاڳي  پئي ۽ سنڌ جي سياسي، مذهبي، سماجي تنظيمن سميت سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. 17 نومبر تي ” درياهه بچايو ڪميٽي“ پاران ڪراچي کان ڪارونجهر تائين رٿيل احتجاج  ان جو چٽو ثبوت هو جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪري حڪمران ڌُر ۽ مقتدر قوتن کي اهو پيغام ڏنو ته “ سنڌ جي عوام سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو هرگز برداشت ڪونه ڪندو. هن منصوبي خلاف پ پ کي ڇڏي باقي سموريون سياسي، مذهبي پارٽيون، سول سوسائٽي سميت ساڃاهه وند طبقو احتجاج ڪري رهيو آهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته اقتداري جماعت هجڻ جي ناتي پيپلزپارٽي هن احتجاج جي سرواڻي ڪري ها ڇو ته سنڌ صوبو واحد صوبو آهي جنهن جي عوام کيس لاڳيتو چوٿون ڀيرو کيس ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو آهي جڏهن  ته باقي ٽن صوبن ۾ ته کيس پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ به وڏا جتن ڪرڻا پئجي رهيا آهن، پر افسوس جو سنڌ جي نمائنده جماعت سڏائيندڙ پارٽي پنهنجي اقتدار کي محفوظ ۽ طاقتور قوتن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هن اهم مسئلي تي بيان بازي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ڪيو. سنڌو نديءَ جيڪاصدين کان ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين ٻنيون، باغ، ڳوٺ، شهر ۽ تهذيبون آباد ڪندو رهيو آهي. ان کي چند فردن يا خاندانن جي لالچ ۽ خوشنودي خاطر وڪرو ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ بنائڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ملڪ جون طاقتور ڌُريون سنڌو مٿان بند ٻڌي پنجاب جي ٿر، ريگستان ۽ رڻ پٽ کي آباد ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيا، پر انهن منصوبن ۾ ناڪام ان ڪري ٿيا جو سنڌ جي باشعور عوام باهمت ٿي هڪ آواز بڻجي سندن ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.

اهو نهايت ضروري آهي ته سنڌي عوام خاص طور سنڌ جا آبادگار، هاري، واپاري، رائيس ملز، شگر ڪين ملز جا مالڪان، ننڍي شهرن جا واپاري، هارپي ۽ زمين سان لاڳاپيل مزدورن، ٽريڪٽر، ٿريشر هلائيندڙ ٽيڪنيشن سڀ ڌيان ڏين، اکيون کولين،  جيڪڏهن ڇهه نوان ڪينال ڪڍي  سنڌو جو پاڻي کسيو ويو ته يقينن مٿي ڄاڻايل سمورا اسٽيڪ هولڊر پنهنجي روزگار کان محروم ٿي ويندا. ھن وقت جڏهن اڳ ۾ ئي سنڌ جون ھزارين ايڪڙ زمينون غيرآباد پيون آھن، انھيءَ جو ڪارڻ به پاڻيءَ جي کوٽ آھي. هڪ پاسي ڀارت ۾ نريندرا مودي جي حڪومت اچڻ کانپوءِ الهندي درياهن جي پاڻي کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ  ۽ سنڌ طاس معاهدي ۾ ڦير گهير ڪرڻ گهري ٿو. ان سلسلي ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ هن چيو هو ته”رت ۽ پاڻي گڏو گڏ نٿا وهي سگهن.“ اها ڳالهه انهي طرف اشارو آهي ته هندستان پاڻي جي ورهاست واري سلسلي ۾ ڪا به ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، مودي سرڪار انهي معاهدي ۾ ڦير گهير جو چيو آهي جڏهن ته ولاريل ڪشمير مان ايندڙ درياهن مٿان ڀارت اڳ ۾ ئي ڪيترائي ڊئم اڏي پاڻي روڪي ڇڏيو آهي. چولستان ڪئنال لاءِ 211 ارب رپين جو بجيٽ پلان پيش ڪري غير ملڪي سرمائيدارن ڪمپنين کي ڏهه هزار ايڪڙ زمين 20 سالن لاءِ ليز تي ڏني وئي آهي.سنڌ جا ماڻهو ۽ ماهر ان رٿا کي سنڌ جي معيشت ۽ ماحول لاءِ انتھائي ھاڃيڪار سمجهن ٿا.

جڏهن ته  چولستان سميت ڇهه نوان  ڪئنال  ڪڍڻ وارو منصوبو  سندن مسئلن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو. بنيادي طور تي اهو لازمي آهي ته جيڪڏهن چولستان ڪئنال مان پنجاب کي وڌيڪ پاڻي ملي ٿو، ته سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽجي ويندو، جنهن سان زرعي پيداوار تي اثر پوندو. چولستان ڪئنال رٿا سنڌ جي ماحول تي پڻ سنگين اثر وجهندي. جڏهن پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويندو، ته سنڌو درياهه جي وهڪري ۾ گھٽتائي ايندي، سامونڊي چاڙھ وڌندو، زمينون لوڻياٺيون ٿي وينديون. ان سان گڏوگڏ تمر جي ٻيلن وارا علائقا پڻ متاثر ٿيندا، جنهن سبب جهنگلي جيوت کي نقصان پهچڻ جو امڪان وڌي ويندو. چولستان ڪئنال رٿا سنڌ جي آبي حقن جي ڀڃڪڙي جي برابر آهي. 1991ع ۾ پاڻي جي ورڇ جو معاهدو ٻنهي صوبن جي پاڻيءَ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ طئي ڪيو ويو هو، پر چولستان ڪئنال ٺاهڻ سان ان معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، جنهن سان سنڌ جي حقن تي ڌاڙو  لڳي ٿو.

( لکڪ : امير جماعت اسلامي سنڌ)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.