اسرائيلي وزيراعظم جي گرفتاري وارنٽ تي عمل به ٿيندو ؟

عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ اڳوڻي اسرائيلي بچاءَ واري وزير يواو گليلنٽ جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آھن.ان اعلان کانپوءِ ڪيترن ئي اولھھ جي  ملڪن چيو آهي ته اھي عدالتي  فيصلي تي عمل ڪندا.اسرائيل جي اتحادي برطانيه، بيلجيم، هالينڊ، سوئٽزرلينڊ، اٽلي، آئرلينڊ، اسپين ۽ ڪيئناڊا پڻ اعلان ڪيو آهي ته اھي ھن معاملي ۾ عالمي قانون جو احترام ڪندا.

برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽامر جي ترجمان، ان سوال جي جواب ۾ تھ ڇا نتن ياهو کي برطانيا ۾ داخل ٿيڻ تي تحويل  ۾ ورتو ويندو.ھن ‘مفروضن’ تي تبصري کان انڪار ڪيو، پر وضاحت ڪئي ته ‘حڪومت پنهنجي قانوني ذميواري پوري ڪندي.’

ڪيئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو کان  پڇيو ويو ته جيڪڏهن نيتن ياهو آيو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو، سندس جواب ھو  ته اسان عالمي قانون جي پاسداري ڪنداسين ۽ عالمي عدالتن جي سمورن قاعدن ۽ حڪمن جي تعميل  ڪنداسين.جڏھن تھ هنگري جي ساڄي ڌر جي وزيراعظم وڪٽر اوربان چيو آهي ته هو نھ رڳو ان وارنٽ تي عمل نه ڪندو بلڪھ  هو نيتن ياهو کي پنهنجي ملڪ جي دوري جي دعوت پڻ ڏيندو.آءِ سي سي طرفان وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير يواو گيلنٽ جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ اسرائيلي سياستدانن طرفان سخت ردعمل سامهون اچي رهيو آهي.

جيتوڻيڪ نيتن ياهو ۽ يواو گيلنٽ سان گڏ  حماس جي فوجي ڪمانڊر محمد ديف جي گرفتاري جا وارنٽ بھ جاري ٿيا آهن، عالمي عدالت جي ان فيصلي جي حماس، فلسطيني اسلامي جهاد ۽ غزه جي عام شهرين ساراهه ڪئي آھي.

اسرائيلي صدر آئزڪ هرزوگ آءِ سي سي جي فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي ”انصاف ۽ انسانيت لاءِ ڪارو ڏينهن“ قرار ڏنو.

اسرائيلي وزير اعظم جي آفيس جي جاري ٿيل بيان ۾ ان کي ” ھڪ يهود مخالف فيصلو“ قرار ڏنو ويو  ۽ وڌيڪ چيو ويو  ته اسرائيل ”انهن تمام ڪوڙن ۽ عجيب الزامن کي رد ڪري ٿو.بيان ۾ عالمي فوجداري عدالت کي ” ھڪ تعصب واري ۽ امتياز ڪندڙ سياسي ادارو“ سڏيو ويو.

نيسٽ  جي پرڏيهي معاملن ۽ دفاعي ڪميٽي جي چيئرمين،يولي ايڊلسٽين  ان کي "اسلام پسند مفادن جي گرفت ۾ آيل هڪ سياسي اداري جو شرمناڪ فيصلو” قرار ڏنو، جڏهن ته اسرائيل جي پرڏيهي وزير چيو ته آئي سي سي پنهنجي ساک  وڃائي چڪي آهي.

بهرحال، حماس پنهنجي فوجي ڪمانڊر محمد ديف جي وارنٽ  تي تبصرو ڪرڻ بنا فيصلي جي آجيان ڪئي.هڪ بيان ۾ حماس چيو آهي ته "اسان دنيا جي سڀني ملڪن تي زور ڀريون ٿا تھ اھي هو صهيوني جنگي ڏوھارين نيتن ياهو ۽ گيلينٽ کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ  ۾ مدد ڪن ۽ غزه جي پٽي ۾ شهرين جي نسل ڪشي جي ڏوهن کي روڪڻ لاءِ  اڳتي اچن .” غزه جي عام فلسطيني شهرين  فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.منيره الشامي، جنهن جي ڀيڻ گذريل مهيني مارجي وئي هئي، چيو ته آءِ سي سي جو فيصلو سندس ڀيڻ وفا سميت هزارين متاثرين لاءِ انصاف جي علامت  آهي.جڏهن ته ڪجهه اسرائيلي شهرين جو چوڻ آهي ته گرفتاري وارنٽ اسرائيل جي پنهنجي بچاءَ جي حق جي خلاف آهن.برطانيه سميت ڪل 124 ملڪ آءِ سي سي جا دستخط ڪندڙ آهن، پر انهن ۾ آمريڪا، روس، چين ۽ اسرائيل شامل نه آهن.ان جو مطلب اهو آهي ته ٽيڪنيڪل طور تي جيڪڏهن نيتن ياهو يا گيلنٽ آئي سي سي جي دستخط ڪندڙ ملڪن مان ڪنهن ۾ پير رکن ٿا،تھ انهن کي اتي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي.پر عالمي سطح تي وڪيلن  شڪ جو اظهار ڪيو آهي، ان جو امڪان گهٽ  آهي ته گرفتاري وارنٽ ۾ نامزد ڪيل ٻنھي ماڻهن مان ڪنهن کي مقدمي لاءِ  هيگ جي عالت ۾ آندو ويندو.

آخري ڀيرو جڏھن نيتن ياهو ملڪ کان ٻاهر ويو هو،تھ  هن آمريڪا جو دورو ڪيو هو، جتي کيس مڪمل استثنيٰ حاصل آهي، پر گذريل سال هن برطانيا سميت ڪيترن ئي ملڪن جو دورو ڪيو، جن مان ڪيترائي آءِ سي سي جا دستخط ڪندڙ آهن.پر چيو پيو وڃي ته ان جا ڪافي گھٽ امڪان آهن ته نيتن ياهو ٻيهر انهن ملڪن ۾ وڃي اهڙو خطرو کڻندو. ساڳي ريت اھي ملڪ بھ نه چاهيندا ته اهڙي صورتحال جنم وٺي. جو کين نيتن ياهو کي گرفتار ڪرڻو پئجي وڃي.

ٻئي طرف حماس کي پنهنجي ڪمانڊر ابراهيم المصري عرف محمد ديف جي گرفتاري جو ڪو خوف ناهي. اسرائيل جو چوڻ  آهي ته هو گذريل سال مارجي ويو هو، جيتوڻيڪ حماس اڃا تائين سندس موت جي تصديق نه ڪئي آهي.ھوڏانھن آءِ سي سي جو ارادو ھو تھ حماس جي ٻن ٻين اڳواڻن يحيٰ سنوار ۽ اسماعيل هانيه خلاف بھ ڪارراوئي ڪجي،جن جي موت جي تصديق ٿي چڪي آهي.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اھو فيصلو اسرائيل جي عالمي موقف لاءِ هڪ وڏو ڌڪ آهي. انهن ٻنهي اڳواڻن پاران غزه ۾ پنهنجي فوجي مهم کي چڱائي ۽ برائيءَ جي جنگ جي طور تي پيش ڪرڻ لاءِ اسرائيل جي جاري ڪوششن لاءِ بھ وڏو ڌڪ آھي.

اسرائيلي شهرين کي صدمو آھي  ڇو ته کين لڳي ٿو تھ دنيا گذريل سال 7 آڪٽوبر تي حماس پاران ڪيل ظلم کي وساري ڇڏيو آھي.پر فلسطيني، خاص طور تي غزه جي ماڻھن کي درست  ثابت ٿيڻ جو احساس ٿي  رهيو آھي.ڇا ڪاڻ جو ھڪ عالمي  هڪ  اداري کي بھ اسرائيل جي جنگي ڏوهن جي الزامن ۾ ڪجهه وزن  نظر اچي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.