سنڌو درياهه تي ڌاڙي وارين سڀني سازشن کي اسين رد ٿا ڪريون. سنڌو ۾ اسان جو ساھ آھي ۽ سنڌو اسان 7ڪروڙ سنڌين جو جياپو آھي. سنڌو مان پنجاب 6 نوان واھ پيو ڪڍي. سنڌو اندر قدرت جي ٻي مخلوق به رهي ٿي جيڪا ساھ واري شئي آهي. سنڌو تي لکين ملاحن جو جياپو به آھي. درياهه اندر رھندڙ ٻلهڻ جو نسل به ناپيد ٿي ويندو ۽ مڇي جو قدرتي جياپو به ختم ٿي ويندو ، سنڌ جي زراعت به ختم ٿي ويندي تنهن ڪري سنڌي ماڻھن کي ٻاھر نڪرڻو پوندو نه ته سنڌ جون زمينون ڏينھون ڏينھن تباھ برباد ٿي وينديون. سمنڊ اڳئي ئي بدين ۽ ٺٽي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي.
سنڌو تي ھي اھڙو ڌاڙو سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تان ڀڄائن جي ڪوشش آهي. جيئن فلسطينين کان زمين خالي ڪرائي پئي وڃي فلسطينين جي حالت اوھان جي سامھون آھي جتي انساني خون سان فلسطين جي ز مين کي ريج پيو اچي ايئن سنڌين جي خون سان ريج ٿيندي نظر پيو اچي ان جي ڪري سنڌين کي به جنگ جوٽڻي پوندي. جيڪڏھن ان جنگ ۾ ڪو پنھنجو حصو داخل نه ڪندو ته تاريخ ان کي مٽائي ڇڏيندي.
اوھان جي ٻين قدر تي وسيلن کي ته اڳ ئي ڌاڙا ھڻي ڦريو ويو آھي سمنڊ تان اوھان جي مھاڻن کي ھٽائي اتي الائي ڪٿان ڪٿان جي ڌارين کي آباد ڪري اوھان جي ماڻھن کي بي روزگار ڪري لڏايو پيو وڃي ۽ اوھان مٿان الزام مڙھيو ويو ته اوھان ترقي جا دشمن آھيو. ان سمنڊ جي خوب صورتي کي به تباھ برباد ڪيو ويو. اوھان جا سامونڊي ٻيٽ به وڪرو ڪياپيا وڃن اوھان جي جبلن کي ڊاھي وڪرو ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين نيلام ڪري ڊي ايڇ اي، بحريا ۽ ٻيا الائي ڪيترا منصوبا جوڙي اوھان کي ڌر تي تان ڌڪاريو پيو وڃي ۽ اوھان اگھور ننڊ ۾ ستل پيا آھيو، ڇا ڪارونجھر جي ڪٽائي ڪري گري نائيٽ پٿر کي وڪرو ڪري اوھان کان معدني حق نه پيو ڦريو وڃي، هتي اوھان پنهنجي گيس استمعال نٿا ڪري سگھو ڇو ته اها گيس حڪمرانن جي هلندڙ ڪارخانن کي ڏيڻي آهي. اوھان جي ڌرتي مان نڪرندڙ پيٽرول ڊيزل ۽ ان جي مالڪي اوھان کان کسي ويئي آھي ۽ جيڪڏھن ان جي رائلٽي گهرو ٿا ته اوھان غدار، ملڪ دشمن ۽ غير ملڪين جا ايجنٽ سڏي ماريا ٿا وڃو.
اوھان جي ھٿ ۾ اوھان جي جياپي جو آخري سھارو سنڌو درياهه آھي. ھاڻي اھو به اوھان کان ڦرڻ واري سازش ۾ لڳا پيا اٿو جنھن درياهه بادشاھ جي قدرتي وھڪري کي بند ڪري اوھان جي زراعت به اوھان کان ڦري پئي وڃي جيئن اوهان تنگ ٿي ڌرتي ڇڏي هليا وڃو. ان ڪري پنھنجي حصي جي ويڙھ جي تياري ڪريو جيئن اسان پنهنجي سنڌ ۽ پنهنجي قومي وجود کي بچائي سگهون.