پاراچنار ۾ ٿيل رتوڇاڻ جو ذميوار ڪير؟

تحرير: اعجاز ممنائي

ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرديءَ جون وارداتون هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ٿي رهيون آهن.  هر روز ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ دهشتگرديءَ جو ڪونه نه ڪو واقعو ٿئي ٿو پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته دهشتگرد سرعام واردات ڪري بيگناهه ماڻهو ماري وڃن ٿا پر انهن جو ڪوبه پيرو نه ٿو لڳي اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڪٿي گم آهن اسان جون ايجنسيون ڪنهن جو ڪم پيون ڪن؟ ۽ اسان جا اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل حڪمران ڇا پيا ڪن؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ملڪ جو مظلوم عوام حڪمرانن ۽ سيڪيورٽي ادارن کان هر روز پڇي ٿو پر ڪوبه مثبت جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.آخر هن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟

گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگرديءَ جا مسلسل واقعا ٿيندا رهيا آهن. ڪڏهن پوليس اهلڪار کي اغوا ڪيو ٿو وڃي، ته ڪڏهن آپگهاتي حملو ڪري سيڪيورٽي فورسز جا جوان شهيد ڪيا وڃن ٿا.پارا چنار وارو  دهشتگرديءَ  جو جيڪو واقعو پيش آيو آهي تنهن پوري ملڪ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي هي ڏکوئيندڙ واقعو خيبرپختونخواهه جي ڪـُرَم ضلعي ۾ پارا چنار سان پشاور ويندڙ گاڏين جي قافلي تي اوچت جي هنڌ تي پيش آيو جتي ٻن مختلف واقعن ۾ پوليس اهلڪارن،معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 48 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 50 کان مٿي زخمي ٿي ويا. گاڏين تي فائرنگ بعد دهشتگرد بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي فرار ٿي ويا. جيڪڏهن سياسي پارٽين جو پاڻ ۾ اختلاف آهي ۽ ڪي۔پي۔ڪي جو وزيراعليٰ غيرزميواري جو مظاهرو ڪري ٿو ته ان جي سزا صوبي جي عوام کي ڇو ٿي ڏني وڃي.

پاراچنار جنهن کي هڪ ٻي ڪربلا به سڏيو پيو وڃي ۽ هر روز نئون قتلام ٿئي ٿو۔ وزيراعليٰ پنهنجي دفاع لاءِ  اسلام آباد کان ڪي پي ڪي پهچي بنا سيڪيوٽي  جي پهچي وڃي ٿو پر عوام جي حفاظت لاءِ  وٽس ڪابه حڪمت عملي ڪانهي۔ هن دهشتگرديءَ واقعي جي زباني ۽ رسمي مذمت يا سکڻا اعلان اهميت جي لائق نه آهن، جيڪڏهن ڪنهن صوبي جو وڏو وزير دهشتگرديءَ کي روڪڻ ۾ ناڪام ثابت ٿئي ٿو ته ان کي فوري طور استعيفا ڏيڻ گهرجي ها. عوام لاشن تي سياست نه ٿو چاهي بلڪه هو امن و امان جي صورتحال کي بهتر ڏسڻ چاهي ٿو جنهن سان هو پنهنجي زندگي محنت ۽ مزدوري ڪري خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو.

تاريخي حوالي سان جائزو وٺجي ته دهشتگرديءَ جا گهڻا واقعا ان ئي صوبي ۾ ٿيا آهن جنهن ۾ اسڪول جي معصوم ٻارڙن کان وٺي بزرگ عالمن تائين بيگناهه ماڻهن جو قتل عام ٿيو آهي جنهن جو الزام افغانستان مٿان لڳندو رهيو آهي۔ پر ڪوبه انهن خلاف قدم کڻڻ لاءِ  تيار نه آهي۔تازو واقعو حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي جو ڪيترن ئي ڏينهن کان پاراچنار طرف آمدرفت وارو سلسلو بند ڪيو ويو ۽ حڪومت کي الٽيميٽم ڏنو ويو ته ڪنهن مهل به ڪا وڏي واردات ٿي سگهي ٿي پر سرڪار غير زميواري  جو مظاهرو ڪري مظلوم ۽ بيگناهه شهرين کي دهشتگردن حوالي ڪري ڇڏيو. جيڪا سرڪار شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ نه ٿي ڪري سگهي ان کي حڪومت ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي.

وزيراعظم بلوچستان ۾ آپريشن ڪرڻ جي فوري طور منظوري ڏيئي ٿو پر ڪي پي ڪي ۾ دهشگردن خلاف آپريشن ڇو نه ڪيو وڃي۔  نيشنل ايڪشن پلان ڪهڙي مقصد تي ڪم پيو ڪري آخر هن واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ معصوم ٻارڙن عورتن ۽ شهرين جو قصور ڪهڙو هو، جيڪڏهن حڪومت، عوام کي تحفظ نه ڏيندي ته هو پاڻ بندوق کڻڻ تي مجبور ٿي پوندا. پاراچنار به پاڪستان جو حصو آهي جتي وڏي عرصي کان رتوڇاڻ ٿي رهي آهي پر سرڪار طرفان غير ذميواري جو مظاهرو ڪري هٿ سان صورتحال کي خراب ڪيو ٿو وڃي. ڪي پي ڪي جو وڏو وزير وفاقي حڪومت خلاف احتجاجن ۾ مصروف عمل آهي پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت توڙي حامي جماعتن کي گهرجي ته وزيراعليٰ خلاف فوري ڪارروائي ڪن جيڪڏهن وزيراعليٰ شهرين کي سفري تحفظ نه ٿو ڏئي سگهي ته ان کي حڪومت ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي.

پاراچنار ۾ لاقانونيت ۽ خونريزي ملڪ ۾ فرقيواريت ۽ بدامني ڦهلائڻ جي هڪ سازش آهي، جنهن جو گڏيل سگهه سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو۔ ٻي صورت ۾ اهو سياسي عدم استحڪام اڃا وڌيڪ انساني جانيون ڳڙڪائي سگهي ٿو۔ هونئن به قبائلي جهيڙن سبب ڪي۔پي ڪي ۾ امن و امان جي صورتحال نهايت ڳنڀير آهي۔ اتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ناقص ڪارڪردگي به هڪ سواليه نشاني بڻيل آهي۔آخر عوام جي تحفظ جي ذميواري ڪنهن کي ڏجي. جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته پورو ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ اچي ويندو۔ انڪري وفاقي حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ملڪ جي هر صوبي جي عوام جي حفاظت جي نئين سر رٿابندي ڪئي وڃي ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن ته جيئن ملڪ خونريزي کان پاڪ ٿي امن جو گهوارو بڻجي سگهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.