لاهور/اسلام آباد(معظم فخر+عمران شفقت+اسد طور)آرمي چيف جنرل عاصم منير جو پارو چڙهي ويو،گورننس تي تنقيد،سڀني کي تکيون ڳالهيون چئي ڏنيون خبر موجب ايپڪس ڪميٽي جي گذريل ڏينهن واري اجلاس ۾ جنرل عاصم منير دٻيل لفظن ۾ چئي ڏنو ته پاڪستان ۾ سياسي حڪومتون هن وقت گورننس جو معيار قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن،اهڙو نظام نه ٺهي سگهيو جنهن ۾ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هجي ۽ دهشت گردي جي جن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي،هن زور ڏئي اها ڳالهه چئي ته ڪنهن جي گورننس جي خامين جي ڪري اسان پنهنجي جوانن ۽ آفيسرن جي جانين جون قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون،توهان جي خامين جو بار سرحدن تي موجود اسان جي جوانن کي کڻڻو پوي ٿو،ذريعن موجب آرمي چيف خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ گورننس جي جن خامين جو ذڪر ڪيو اهي حقيقتن تي ٻڌل آهن،ڪالهه به بنون ۾ حملي دوران 12 جوان شهيد ٿي ويا،فوج تي هن وقت دٻاءُ ايترو وڌي ويو آهي جو آرمي چيف کي ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ چئني وڏن وزيرن آڏو اهو چوڻو پيو ته ”هاڻي گهڻو ٿي ويو“،اها صورتحال سياسي حڪومتن لاءِ خطري جي گهنٽي آهي،گورننس جي خامين سبب چور ۽ چوڪيدار ۾ فرق ئي ختم ٿي ويو آهي،سمورين بهترين معاشي قدمن باوجود عمران خان رياست کي چئلينج ڪري رهيو آهي،ڪي پي ۾ افغانستان جي بارڊر سان لڳندڙ علائقن ۾بدامني سبب شام ٿيندي ئي ٿاڻا بند ٿي وڃن ٿا،ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي وڃن ٿا،پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي تناظر ۾ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس اهم تصور ڪيو پيو وڃي،اجلاس ۾ اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت مريم نواز جي ميارن تي علي امين گنڊاپور کي چيو ته توهان پنجاب ۾ اچي احتجاج نه ڪريو،ان سان بين الصوبائي هم آهنگي کي نقصان پهچي ٿو،جنهن تي علي امين گنڊاپور چيو ته پنجاب ۾ اسان جي ڪارڪننخلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، قافلا ئي اسلام آباد لاءِ نڪرڻ نٿا ڏنا وڃن،اهم شخصيت چيو ته توهان مقامي شهرن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر روڊ بند ڪرائي اسلام آباد ڏانهن اچڻ بهتر ناهي،اجلاس ۾ مريم نواز جو لهجو جارحاڻو هو پر علي امين گنڊاپور جو جلسن جي ابتڙ جارحاڻو رويو نه هو،ٻئي پاسي جڏھن عمران جي حڪومت ٺھي تھ ھن جنرل فيض حميد ۽ جنرل باجوا جي مدد سان ان ايڪشن پلان کي ردي جي ٽوڪري حوالي ڪري ڇڏيوجنهن سبب دهشت گردن جا حملا وڌي ويا آهن،اجلاس بابت جيڪي اندروني خبرون آھن تھ لڳي ائين ٿو ڄڻ اجلاس ۾ ھڪ ٻئي مٿان بھتان بازي ٿي رھي ھئي ھڪ ٻئي مٿان ذميواري وڌي پئي وڃي. ان اجلاس ۾ علي امين گنڊاپور وڏا دعويٰ ڪري شريڪ ٿيو ھيو.۽ ذريعن مطابق ھن اتي ھمت ڪندي آرمي چيف کي چيو تھ مون کي توھان جا اڪيلائي ۾ ٻھ منٽ کپن پر آرمي چيف کيس مھذب انداز ۾ وراڻيو تھ جيڪا ڳالھه ڪرڻي آھي ھن اجلاس ۾ سڀني جي روبرو ڪريو.ٻيا ذريعا اھا دعوي ڪن پيا تھ علي امين گنڊاپور پنھنجون ڳالھيون پيش ڪيون ٻئي پاسي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي اهم ميمبر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي صلاح ڏني ته هو خيبرپختونخواهه کان پنجاب ڏانهن احتجاجي ريليون ڪڍڻ کان پاسو ڪري ڇو ته اهڙين سياسي حرڪتن سان بين الصوبائي هم آهنگي کي نقصان پهچي سگهي ٿو، ذريعن موجب اجلاس ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سڀ کان پهريان اهو معاملو اٿاريو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير حملي واري انداز ۾ پشاور کان اسلام آباد تائين احتجاجي ريلين جي اڳواڻي ڪري ٿو، جنهن سان جاني ۽ مالي نقصان به ٿيندو آهي، مريم نواز جي تنقيد جي جواب ۾ علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ خاص طور تي پنجاب ۽ عمران خان کي درپيش مسئلن تي ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين هڪ سال کان بغير ڪنهن ڏوهه جي جيل ۾ آهي، اسان جي ڪارڪنن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، ذريعن موجب مريم نواز جو لهجو ٿورو سخت هو پر گنڊاپور عوامي تاثر جي ابتڙ پرامن انداز ۾ جواب ڏنو پر ٻنهي وڏن وزيرن وچ ۾ وڌيڪ بحث نه ٿيو، گنڊاپور کي صلاح ڏني وئي ته پي ٽي آءِ پنجاب ۾ پنهنجي ووٽرن ۽ حمايتين کي متحرڪ ڪري صوبي ۾ احتجاج ڪري.