بنون ويجهو چوڪي تي حملو، 12 اهلڪار شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا

بنون ( م ڊ) بنون جي مالي خيل ۾ سڪيورٽي فورسز چيڪ پوسٽ تي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ دهشتگردن جي آپگهاتي حملي ۾ 12 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، بنون جي علائقي مالي خيل ۾ سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي ڪوشش ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ دهشتگردن جي آپگهاتي حملي ۾ 12 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيد ٿيلن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 10 اهلڪار ۽ 2 فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا اهلڪار شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي اهلڪارن دهشتگردن جي چيڪ پوسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي، داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ تي دهشتگرد بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ جي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپگهاتي ڌماڪي سبب چيڪ پوسٽ جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ انفرااسٽرڪچر کي نقصان پهتو ۽ 12 جوان شهيد ٿي ويا. آپگهاتي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ گوجرانوالا سان تعلق رکندڙ صوبيدار عمران احمد فاروق، سرگوڌا جو حوالدار محمد جاويد، ايبٽ آباد جو نائيڪ طهماس احمد، هريپور جو نائيڪ باسط فريد ۽ ٻيا شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، دهشت گردي جي واقعي ۾ ملوث عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.