اسلام آباد(م ڊ) ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ (وي پي اين) تي پابندي خلاف هڪ شهري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومت جو موقف آهي ته ايڪس اينڪس کي غلط ڄاڻ روڪڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شهرين ايڪس تائين رسائي لاءِ وي پي اين تي ڀروسو ڪري رهيا هئا. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته گهرو وزارت جي 15 نومبر تي وي پي اين تي پابندي واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي جڏهن ته وي پي اين تي پابندي واري نوٽيفڪيشن کي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو وڃي.