سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪمار اوڏ)سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ واري وفاقي حڪومت جي منصوبي خلاف سڪرنڊ بائي پاس نيشنل هاءِ تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. سڄو ڏينهن جاري رهندڙ ڌرڻي سبب نيشنل هاءِ وي تان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي. احتجاجي ڌرڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن، عورتن، مردن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ هن ملڪ جي معيشت ۾ وڏو حصو وجهندڙ آهي. ملڪ جي معيشت جي شھ رڳ سنڌ آهي. ائين وري سنڌو درياهه سنڌ جي شهھ رڳ آهي. جنهن جي پاڻي سان نه صرف زمينون آباد ٿين پيون پر سنڌ جو انسان، حيوان سميت هر جيوت سنڌو جي پاڻي تي زنده آهي. جيڪڏهن سنڌو درياهه سنڌ کان کسيو ويو ته سنڌ نه صرف بنجر بڻجي ويندي، پر سڄي سنڌ اجتماعي قبرستان بڻجي ويندي. هن چيو ته سنڌو درياهه عظيم تهذيب ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ جو وارث آهي. هن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ کان سنڌو کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهڙي سازش جو مقابلو ڪيو ويندو. هنن حڪمرانن کي ماضي مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. ماضي ۾ جنرل ضياء کان مشرف ۽ نواز شريف تائين جيڪي به آمر ۽ حڪمرانن به ڪالاباغ ڊيم جي منصوبي سان سنڌو کسڻ جي سازش ڪئي پر کين ناڪامي نصيب ٿي. هاڻي به سنڌ جا ماڻهو پنهنجي سنڌو درياهه تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. هن چيو ته سنڌ سان پاڻي جي معاملي تي جيڪي معاهدا ڪيا ويا. انهن تي عمل نه ڪيو ويو. 1991 جي معاهدي مطابق 12 مهينا ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو. پر اهو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. جنهن سبب انڊس ڊيلٽا مڪمل تباهه ٿي ويو آهي. سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پ پ حڪومت ڊرامي بازي بند ڪري وفاقي حڪومت سندس ڪلهن تي بيٺل آهي،جيڪڏهن سنڌو جي معاملي تي پ پ خاموش ويٺي ته سنڌ کيس ڪڏهن معاف نه ڪندي. هن چيو هي احتجاجي تحريڪ ان وقت تائين جاري رهندي. جيستائين سنڌو درياهه مٿان ڪئنال جوڙڻ وارو منصوبو ختم نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته 24 نومبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو،هن چيو 8 ڊسمبر تي سنڌي قوم ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيندي،ان موقعي تي حيدر شاھاڻي، نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، گلزار سومرو، ڊاڪٽر احمد نوناري، امتياز سمون، ڊاڪٽر سومار مڱريو ۽ ٻين خطاب ڪيو.