توشا خانا ٽو ڪيس ۾ به عمران جي ضمانت، عدالتي فيصلي باوجود آزاد نه ٿيندو

اسلام آباد (بيورو/ م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ باني جي  ضمانت واري درخواست منظور  ڪئي. پي ٽي آءِ باني جو وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر، ايف آءِ اي اسپيشل پراسيڪيوٽر عمر مجيد ملڪ ۽ ذوالفقار عباس نقوي عدالت ۾ پيش ٿيا. ڊگهي ٻڌڻي کان پوءِ عدالت عمران خان جي 10 لک روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪري پر ميڊيا ۾ پهريان ئي ضمانت ٿي ويندي جنهن تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ميڊيا کي پاڻ  کان آجو ڪريو. عدالت جوابدار جي وڪيل کان پڇاڻُو ڪيو ته هن  جيولري سيٽ جو اندازو ڪيئن لڳايو؟ بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته اهو ته عدالت ۾ پراسيڪيوشن وارو ٻڌائيندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڇيو ته چالان ۾ رسيد بشريٰ بي بي جي آهي يا عمران خان جي؟ جنهن تي بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته چالان ۾ رسيد تي بشريٰ بي بي جو نالو آهي. بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته الزام آهي ته پي ٽي آءِ باني ذاتي مفاد لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو. هن چالان ۾ اهو واضح ناهي ته مرڪزي جوابدار ڪير آهي. توشا خانا نيب ڪيس ۾ عمران خان کي 14 سالن جي  سزا ٿي آهي. عدالت پڇيو ته اسلام آباد پوليس ڪهڙو ڪيس داخل ڪيو آهي؟ بيرسٽر سلمان صفدر ٻڌايو ته ڪوهسار ٿاڻي  جي پوليس جعلي رسيدن جو ڪيس ٺاهيو آهي، انهي ۾ ڏوهه واضح نه ٿيو ته ڪيس وڌيڪ انڪوائري ۽ ضمانت جو  ٿئي ٿو.  جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل حڪومت توشه خانا جا تفصيل نه ٻڌايا هئا، اسان پڇندا هئاسين ته توشه خانه جا تفصيل لڪايا ويندا هئا. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل دليل مڪمل ڪندي چيو ته اپريزر صهيب عباسي چوي ٿو ته مون کي پي ٽي آءِ باني هراسان ڪيو جڏهن ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ته ملاقات ئي صهيب عباسي سان نه ٿي آهي، ڪسٽم جي ٽنهي آفيسرن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جي مٿان ڪوبه دٻاءُ نه هو ته پوءِ انهن صحيح قيمت ڇو نه لڳائي؟ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر چيو ته رياست جي تحفي جي گهٽ قيمت لڳرائي رياست کي نقصان پهچايو ويو. پي ٽي آءِ باني ۽ ان جي گهر واري ٻنهي ڄڻن فائدو کنيو آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇيو ته پي ٽي آءِ باني کي ڪيئن فائدو ٿيو؟ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته جڏهن زال کي فائدو مليو ته مڙس کي به فائدو ٿيو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته  مهرباني ڪريو اهڙا جملا استعمال نه ڪريو منهنجي زال جون شيون منهنجون نه آهن. اسان اڃان تائين ڪهڙي دنيا ۾ رهون ٿا. جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي توشه خانه ٽو ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو وقفي کان پوءِ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي بشريٰ بي بي جي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ تي فرد جرم ملتوي ڪرڻ جو معاملو اٿاريو. جسٽس حسن اورنگزيب پڇيو ته جن ٽن ڪسٽم آفيسرن قيمت غلط لڳائي انهن بابت ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ڪسٽم آفيسرن کان ڪوتاهي ٿي پر اهو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ نه هو، نيب طرفان اهڙن آفيسرن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي جي سفارش ناهي ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ٽو ڪيس ۾ 10 لک روپين جي مچلڪن عيوض پي ٽي آءِ باني جي ضمانت واري  درخواست  منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن عمران خان جي نئين توشا خانا ريفرنس ۾ ضمانت ملڻ باوجود آزادي جو امڪان ناهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين توشا خانا ريفرنس ۾ به پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ذريعن موجب، نئين توشا خانا ڪيس ۾ ضمانت بعد به في الحال عمران خان جي آزادي جو امڪان نه آهي، پي ٽي آءِ باني خلاف لاهور ۾ داخل 9 مئي جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانت رد ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني جي راولپنڊي ۾ داخل 9 مئي جي 14 ڪيسن ۾ ضمانت ملڻ باوجود ضمانتي مچلڪا جمع ناهن ڪرايا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني خلاف راولپنڊي ۾ 28 سپٽيمبر ۽ 5 آڪٽوبر تي به دهشتگردي جا ڪيس داخل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.