سنڌ انڊيجينئس الائنس جي اڳواڻن رپورٽ ڪيو آهي ته عدالتي بندش باوجود ملير، ڪوهستان خاص طور کيرٿر نيشنل پارڪ جي علائقي مان ريتي بجري کنئي پئي وڃي. جيڪا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي. رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ 4 آڪٽوبر 2024ع تي کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ کاڻ کوٽڻ، پٿر کڻڻ، جبل ڪورڻ، اڏوات سميت زمين جي الاٽمنٽ کان به روڪي ورتو آهي.سنڌ انڊيجينئس جي اڳواڻن ٻڌايو آهي ته عدالتي حڪم تي عمل جي حالت اها آهي ته اڳ ۾ جتي 100 ڊمپر هلي رهيا هئا ته اڄ اتي 300 ڊمپر ۽ ٽرڪون هلي رهيو آهن. هن چيو ته هن وقت ملير ۽ ٿڌو ڊيم واري علائقي ۾ پاڻي جا ذخيزا ۽ واسيلا تباهه ٿي چُڪا آهن.ان سان گڏ کيرٿر نيشنل پارڪ جو ماحولياتي نظام ۽ ان سان ڳنڍيل جهنگلي ۽ نباتاتي جيوت خطري ۾ آهي. تاريخي ماڳن مڪانن کي به خطرو آهي. واضح رهي ته 4 آڪٽوبر 2024ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ کيرٿر جي تباهي جو نوٽيس وٺندي ملير جي سيشن جج کي فيلڊ سروي جو حڪم ڏنو هو ته ڏسي اچي ته کيرٿر ۾ ريتي بجري لاءِ کوٽائي ٿئي پئي يا نه. ايئن سيڪريٽري وائيلڊ لائيف کي جانورن جي حفاظت بابت رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو. سيڪريٽري ڪلچر کي به هڪ ٽيم جوڙي دوري جو حڪم ڏنو هو پر ان ڏس ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.
پهريون ته اسان سنڌ انڊيجينئس الائنس جا ٿورائتا آهيون جن کيرٿر نيشنل پارڪ جي علائقي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ واري صورت حال جي پريس رليز جي شڪل ۾ بيحد اهم رپورٽ ڏني آهي، ٻيو اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ريتي بجري کڻڻ جو نوٽيس وٺڻ واري عمل کي به واکاڻيون ٿا ته ان درست رخ ۾ نوٽيس ورتو آهي پر ڪجهه سالن کان اهو افسوس جوڳو رويو ڏٺو پيو وڃي ته عدالتن جي حڪمن تي به عمل نٿو ٿئي ۽ ان جي حڪمن جي وڏي پئماني تي ۽ سرعام ڀڃڪڙي ٿيڻ لڳي آهي جيڪا انتهائي ڳڻتي واري ڳالهه آهي. هتي سياستدانن کي ته توهين عدالتن جا نوٽيس ملندي ڏٺا ۽ ٻڌا ويا آهن جن ۾ وزيراعظم به شامل آهن پر جيڪي مافيائون عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪنديون آهن تن کي توهين عدالت جا نوٽيس ملندا آهن الائي نه. هي کيرٿر نيشنل پارڪ واري رپورٽ به عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي بابت آهي هاڻي اها خبر ناهي ته ملوث جوابدارن کي توهين عدالت جو نوٽيس ملندو الائي نه. بهرحال سنڌ هاءِ ڪورٽ پهرين مرحلي ۾ جيڪا اڳڀرائي ڪئي آهي سا اطمينان جوڳي آهي.
اصولي طور تي جيڪو نوٽيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ورتو آهي سو سنڌ جي حڪومت کي وٺڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته سنڌ ڌرتي جي چپي چپي ، ان جي جاگرافي، ان جي معدني وسيلن، اثاثن، تاريخي ماڳن مڪانن، ماحوليات وغيره جي حفاظت جي ذميواري حڪومت جي آهي جڏهن حڪومت اکيون ۽ ڪن بند ڪري ڇڏيندي آهي ته تڏهن ئي ميڊيا، سياسي سماجي تنظيمن ۽ عدالتن کي نوٽيس وٺڻو پوندو آهي. پر هن ڪيس ۾ سڌي يا ڻ سڌي طرح لڳي ٿو ته مافيائن کي ڪنهن ڊيل تحت اجازت مليل آهي پر جيڪڏهن ايئن ناهي ۽ حڪومت کي ڄاڻايل رپورٽ جي خبر ناهي ته پوءِ اها بيخبري جي وڏي خبر آهي. سو حڪومت کي اصولن سنڌ جي چپي چپي تي نظر هئڻ گهرجي۽ اهڙو برجستو حڪومتي نظام هئڻ گهرجي جو ڪنهن کي به غير قانوني ڪم يا ڏوهه جي همت به ٿي سگهي ۽ کين حڪومت جي ڪارروائي جو ڀئهُ هئڻ گهرجي پر نئين جديد دؤر جي حڪومت جو نظام ته ماضي جي حڪومتن کان به ڪمزور آهي اڄ جي حڪومت جي ڪا رٽ نظر نه ٿي اچي جڏهن ته هن جديد دؤر ۾ ٽيڪنالاجي جي سهولتن سان حڪومتي نظام وڌيڪ طاقتور هئڻ گهرجي پر هاڻي گڊگورنسس جو تصور ئي ناهي رهيو. جڏهن ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته انگريزن جي حڪومتي سرشتي ۾ خلق کي حڪومت جو خوف هوندو هو شايد اهو ئي سبب آهي جو ان دؤر ۾ ڏوهه گهٽ ٿيندا هيا پر هاڻي حڪومت جو ڪو خوف ئي ناهي. لاقانونيت چوٽ چڙهيل آهي ۽ ممڪن آهي ته ان لاقانونيت ۾ حڪومت جو به ڪو غرض هجي.
بهرحال هتي پنهنجو موضوع اهو آهي ته سنڌ انڊيجنيئس لائنسس جي جيڪا رپورٽ شايع ٿي آهي تنهن جو حڪومت ۽خاص ڪري عدالت کي توهين عدالت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هونئن ته سنڌ جي چپي چپي جي حفاظت جو ڪم سنڌ حڪومت جو آهي پر سنڌ ڄاون جو به فرض آهي ته اهي سنڌ ڌرتي جي چپي چپي جي حفاظت ڪن ۽ ناجائزين توڙي غير قانوني ڪمن تي ائين نظر رکن جيئن سنڌ انڊيجنيئس لائنس رکي آهي. اهڙو ڪم يقينن اسان جون سنڌي قوم پرست جماعتون به زبردست نموني ڪنديون رهيون آهن. سنڌي ميڊيا جي به هر خبر تي نظر هوندي آهي پر جنهن جي نظر ناهي سا حڪومت آهي ۽ هاڻي اسان سڀني جو فرض آهي ته سنڌ حڪومت جو ائين ان پاسي ڌيان ڇڪرايون جيئن سنڌ انڊيجنيئس الائنس کيرٿر نيشنل پارڪ ڏانهن وقتائت ڌيان ڇڪايو آهي.
اصل ۾ سنڌ جاگرافيائي ۽ ماحولياتي حساب سان هڪ هوندي به الڳ الڳ حسناڪيون سمايو ويٺي آهي. سنڌ ۾ ميداني علائقن جو پنهنجو ڪلچر آهي، ٿر جو پنهنجو ثقافتي نظام آهي ائين جابلو علائقن جي پنهنجي سڃاڻپ آهي، سامونڊي علائقي ۽ ساحلي پٽين جي پنهنجي زندگي آهي، درياهي ڪچي جي ڌار دنيا آهي. انهن سڀني حسناڪين کي سمجهڻ لاءِ ڀٽائي جو رسالو به اسان وٽ موجود آهي جنهن کي پڙهي حڪومت انهن کي مڪمل طور سنڀالڻ جي آئيڊيا ماڻي سگهي ٿي. ايئن ملير ضلعي، ٿڌو ڊيم جي علائقي ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جو پنهنجو جهان آهي جيڪو سراپا سون آهي. اسان جيڪڏهن سنڌ جي معدني وسيلن ۽ اثاثن جو قدر ڪريون ۽ سمجهون ته پوءِ معلوم ٿيندو ته اسان جو خطو فطري طور تي ڪنهن ريت به دبئي کان گهٽ ناهي يعني سنڌ جا سڀ معدني وسيلا ۽ اثاثا سنڌ تي خرچ ٿين ته هي امير ترين خطن مان هڪ آهي تنهن ڪري هن سراپا سون واري علائقي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ غير قانوني طور تي مافيائن کي ان مان فائدو وٺڻ نه ڏجي پر هن امير خطي جو فائدو صرف ۽ صرف سنڌ جي غريب عوام کي ملڻ گهرجي.