ڪراچي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ حڪومت جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، /ڏ جنهن دوران بلاول کي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نيٽ ورڪ وڇايو پيو وڃي، ان حوالي سان پيدا ٿيندڙ عوامي مسئلا به ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا پيا وڃن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوامي مسئلا حل ڪرڻ سان گڏ عوام ۾ اهو احساس اجاگر ڪرڻ به ضروري آهي ته حڪومت هر قدم تي عام ماڻهو سان گڏ بيٺل آهي، ٻي پاسي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به بلاول هائوس ۾ بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪري خيبرپختونخواهه جي سياسي صورتحال ۽ وفاق جي غير منصفاڻي رويي بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي بلاول وفاقي حڪومت جي رويي ۽ امن امان جي صورتحال تي اي پي سي گهرائڻ جي هدايت ڪئي.