اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت طرفان اڻ رجسٽرڊ ورچوئل پرائويٽ نيٽ ورڪ کي بلاڪ ڪرڻ جي فيصلي تي انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙن خدشن جو اظهار ڪندي گهر ڪئي آهي ته متوازن پاليسي ٺاهي وٺي. پڌرائي موجب وي پي اين جو استعمال پرائيويسي، محفوظ مواصلات ۽ آن لائن رسائي لاءِ اهم آهي، حڪومت اهڙي ريگيوليٽري پاليسي ٺاهي جيڪا معيشت ۽ ڊجيٽل ترقي جي رستي ۾ رنڊڪ نه بڻجي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته وي پي اين جو غلط استعمال روڪيو پر واهپيدارن لاءِ رنڊڪون پيدا نه ڪريو، آءِ ٽي برآمد، مالي ڏيتي ليتي ۽ تحقيقي ڪم لاءِ وي پي اين جي استعمال ۾ رنڊڪ پيدا نه ڪئي وڃي، سخت پاليسي قانون جي پابندي ڪندڙ واهپيدارن کي متاثر ڪري سگهي. ڊجيٽل آزادين، علم جي مٽاسٽا ۽ واپار لاءِ سازگار ماحول ضروري آهي.