عمران خان 24 نومبر تي آزاد نه ٿيندو، ماڻهو مارڻ لاءِ ڌرڻو پيا هڻن: واوڊا

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 24 نومبر تي ڪا آزادي ناهي ٿيڻي، پي ٽي آءِ باني کي بچائڻ لاءِ ڪير به سچو ناهي، پارٽي ۾ سڀ سوديبازي ڪندڙ ماڻهو موجود آهن، مراد سعيد احتجاج ۾ اچي ويو ته عمران ۽ فيض کي ڪير به بچائي نه سگهندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا چيو ته 24 نومبر تي ڪجهه نه ٿيندو، پي ٽي آءِ قيادت گهرن ۾ ليٽي پئي آهي، اهو ڊرامو عمران خان کي ڇڏرائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي پر پي ٽي آءِ وارا عمران خان جو سودو ڪري رليف گهري رهيا آهن، احتجاج ۾ 50 هزار ماڻهو اچن يا 50 لک، ڪو فرق نه ٿو پوي، 25 نومبر تي پي ٽي آءِ باني تي فرد جرم لاڳو ٿيڻو آهي، ان ڪري 24 تاريخ تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، هي ماڻهن کي مارڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.