لاهور (م ڊ) گورنر پنجاب سليم حيدر تصديق ڪئي ته حڪمران پارٽي ن ليگ سان اختلاف هاءِ ليول تي هليا ويا آهن، بلاول ڀٽو زرداري ڪاوڙيل آهي. لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ن ليگ سان اتحاد ڪري اسان ووٽن جي قرباني ڏني، اتحادين سبق ناهي سکيو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڪاوڙيل آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي 2 ڌار ڌار پارٽيون آهن، ن ليگ سان پيپلزپارٽي مجبوري م ويٺي آهي. گورنر پنجاب چيو ته پي ٽي آءِ کي جڏهن به احتجاج جو موقعو ڏنو اهي پرامن نه رهيا، سياسي پارٽين کي پرامن رهڻ گهرجي.