آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت وزيراعظم جي اختيارن خلاف درخواست خارج

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت وزيراعظم جي اختيارن خلاف داخل درخواست خارج ڪري ڇڏي. ڪيس ۾ درخواست گذار پيش نه ٿيو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت وزيراعظم جي اختيارن خلاف داخل درخواست تي فيصلو ٻڌايو. آئيني بينچ پيروي نه ڪرڻ تي درخواست خارج ڪئي ۽ رجسٽرار آفيس طرفان درخواست ٻڌڻي جوڳي نه هجڻ بابت اعتراض برقرار رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.