دنيا دهشت گردي جا طعنا پئي ڏئي، فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڌرڻا هڻون يا ترقي لاءِ اڳتي وڌون\شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪجهه سال اڳ تائين اسان دهشتگردي تي ضابطو آندو هو پر دنيا ٻيهر دهشتگردي وڌڻ تي اسان کي طعنا ڏئي رهي آهي. نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس  ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي واقعي اوهان سڀني کي پياري آهي ته پوءِ اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو. ته ڌرڻا هڻون، لانگ مارچ ڪيو ن يا ترقي ۽ خوشحالي جا مينار بڻايون. اڱاري ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ اعليٰ فوجي ۽ سول قيادت ۽ لاڳاپيل وفاقي وزيرن، صوبائي وڏن وزيرن، ڳجهن ادارن جي سربراهن، پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جو وزيراعظم ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير پڻ شريڪ رهيو. نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ مان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي کانسواءِ اڳتي نه وڌي سگهنداسين. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي سبب عوام پريشان آهي.  بي ايل اي جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو ”بربريت“ جو مثال آهي. اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ڌرڻا هجن يا لانگ مارچ هجن يا ترقي ۽ خوشحالي جي طرف وڃڻ گهرجن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو ڌرڻو، جلوس يا لانگ مارچ ڪرڻو آهي ته شهر ۾ وڏي جلسي يا تقريب کان پوءِ به ڪري سگهجي ٿو. مان سمجهان ٿو ته مان ان معاملي ۾ گهڻو اڳتي وڃڻ نه ٿو چاهيان، پر ادب سان فقط اها گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان گڏجي ويهي انهن معاملن تي ٿڌي دل سان غور ڪريون. وزيراعظم ملڪ جي معاشي استحڪام ۾ صوبن جي ڪردار جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته صوبن انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام جي منظوري حاصل ڪرڻ ۾ وفاق سان ڀرپور تعاون ڪيو.  هن چيو ته تازو آءِ ايم ايف جو پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو، پر اهو چوڻ نه پر محنت، ايمانداري ۽ سخت محنت ذريعي پورو ٿيندو، ان لاءِ چئني صوبن ۽ وفاق کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. شهباز شريف چيو ته ٽيڪس روينيو ۾ اضافو اڻٽر آهي، ان لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، قرض هڪ ڏينهن ۾ نه ٿو گهٽائي سگهجي، جڏهن ته اربين رپين جي چوري روڪي ويندي ۽ ملڪي خزاني کي فائدو ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.