ڳڙهي ياسين ڀرسان زميني تڪرار تان نوجوان قتل

ڳڙھي ياسين( رپورٽ حبيب الله ڪمبوھ )ڳڙھي ياسين ڀرسان آغا فارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ دشتي پھوڙ  ۾ بکراڻي ۽ پهوڙ برادري جي ٻن  ڌرين الله ورايو پھوڙ ۽ ڀورو بکراڻي ۾ زمين جي ھلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان ڌڻي بخش پھوڙ موقعي تي مارجي ويو ، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، ڌرين ۾ پراڻو زمين جو تڪرار هلندڙ آهي جنهن ۾ ڪجه مهينا اڳ ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب بکراڻي برادري جو هڪ ماڻھو  مارجي ويو هو ۽ 2 ماڻھون زخمي ٿيا هئا جنهن جي پلاند طور هي واقعو پيش آيو ، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه  ٿي سگهيو هو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.