ايس ٽي پي پاران ڪراچي ۾ 24 نومبر بدران 8 ڊسمبر تي احتجاج جو سڏ

حيدرآباد ( پريس ريليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ پارٽي جي باڊي جو هنگامياجلاس ٿيو،اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايس ٽي پي پاران سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف جاري احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ 24 نومبر ڪراچي ڦوهارا چوڪ تي احتجاج هاڻي 8 ڊسمبر تي ٿيندو ڇاڪاڻ ته 24 نومبر تي پي ٽي آئي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. جيڪو هُن جي سياسي زندگي ۽ موت جي سوال تي ٻڌل آهي ته ان ڏينهن انديشو آهي ته پوليس ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن جي وچ ۾ چڪريون هلنديون رهنديون ۽ اسان نٿا چاهيون ته ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جي وچ ۾ ٽڪراءُ وارو ماحول جُڙي انڪري 24 نومبر جي بدران هاڻي ڪراچي ۾ 8 ڊسمبر تي سنڌو درياءِ تي ڪئنال جوڙڻ واري منصوبي خلاف احتجاج ڪيو ويندو. جڏهن ته 24 تاريخ تي سڄي سنڌ ۾ ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. 27 نومبر تي مٺي  ٿرپارڪر، 28 نومبر تي عمرڪوٽ، 29 نومبر تي سانگهڙ، 03 ڊسمبر تي جيڪب آباد، 4 ڊسمبر تي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ 05 ڊسمبر تي شڪارپور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا،هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏني ويندي ته سنڌين کان سندن جيئڻ جو ذريعو کسي. اجلاس ۾ حيدر شاھاڻي ، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، قادر چنا، امتياز سمون ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ،عاشق سولنگي، خدا بخش درس، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ ۽ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.