وفاق ڪراچي حيدرآباد موٽروي کي ترجيح نه پيو ڏئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي سڌ سماءُ، سينيئر وزير ۽ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي وزير شرجيل انعام ميمڻ پيپلز بس سروس ڪمانڊ  اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو افتتاح ڪيو، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي آفيس، ڊي- 43 ڪلفٽن بلاڪ 2 ۾ قائم ڪيو ويو آھي، افتتاحي تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينتر ذريعي سڄي سنڌ ۾ ھلندڙ پيپلز بس سروس جي مناسب نگراني ٿي سگھندي ۽ بروقت ضروري ھدايتون ڏئي سگھبيون، ھڪ سوال جي جواب ۾ هن  چيو ته 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ وارو اھوئي ٽولو آھي، جيڪو ملڪ ۾ انارڪي ۽ افراتفري ڦھلائڻ چاھي ٿو، ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن  چيو ته سنڌو دريا تي ڪينالز جي تعمير تي معاملي تي سنڌ سرڪار کي سخت خدشا آھن، سنڌ اڳواٽ ئي پاڻي جي کوٽ جو شڪار آھي، اُن معاملي تي اسان جو موقف اٽل آھي. وي پي اين تي پابندي بابت سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پي ٽي آءِ جي ماڻھن پنھنجي ليڊر جي چوڻ تي سوشل ميڊيا تي ڊجيٽل دھشتگردي شروع ڪري رکي آھي، اُھي وي پي اين جھڙين شين کي تڪراري بڻائي رھيا آھن،حيدرآباد سکر موٽر وي پوري پاڪستان جي سخت ضرورت آھي، ڇاڪاڻ ته ھي رستو پوري پاڪستان کي  پورٽ سان ڳنڍي ٿو، جنھن کي وفاق جي طرفان ترجيح نه پئي ڏني وڃي، هن چيو ته  ڪراچي جي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون به خريد ڪيون پيون وڃن، ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسز ھلڻ شروع ٿي وينديون. افتتاحي تقريب جي موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم دايو پڻ موجود ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.