عالمي دفاعي نمائش جي سيڪيورٽي لاءِ 4 هزار 800 پوليس اهلڪار مقرر

ڪراچي ( رپورٽر ) عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 جي سيڪيورٽي لاءِ 4 هزار 800 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ انٽرنيشنل ڊيفنس آئيڊياز نمائش شروع ٿي وئي آهي، ڪراچي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن،ايڪسپو سينٽر جي چوڌاري عمارتن تي اسنائپرز کي به مقرر ڪيو ويو، ايئرپورٽ کان هوٽل ۽ هوٽل کان ايڪسپو سينٽر تائين وڏي نفري کي به مقرر ڪيو ويو. رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پڻ وڏي انگ ۾ مقرر آهن. چئن ڏينهن واري نمائش دوران ايڪسپو سينٽر سان ملندڙ رستا صبح 7 وڳي کان شام 7 وڳي تائين بند رهندا،

  1. ڪراچي ۾ هفتي لاءِ قلم 144 لاڳو، احتجاج تي پابندي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊفينس ايگزيبيشن اينڊ سيمينار آئيڊياز کي نظر ۾ رکندي 24 نومبر تائين قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، عوامي ميڙاڪن ۽ احتجاج تي پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن موجب 18 کان 24 نومبر تائين مظاهرن ۽ ريلين تي پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن ڪراچي ڊويزن ڪمشنر آفيس طرفان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ اي آءِ جي جاويد اختر اوڍو جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته عوامي ميڙاڪا پرڏيهي مهمانن لاءِ سيڪيورٽي رسڪ پيدا ڪري سگهن ٿا. ڪمشنر سيد حسن نقوي هفتي لاءِ پابندي جا حڪم جاري ڪيا.

  1. ڪراچي ۾ هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز خلاف ڪريڪ ڊائون

ڪراچي ( رپورٽر ) ايئرپورٽ ويجهو پرڏيهي شهرين تي حملي کانپوءِ سي آءِ اي ڪراچي کي غير رجسٽرڊ هوٽلن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو چيو ويو،ان حوالي سان ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر ٻڌايو ته ٽاسڪ ملڻ بعد سي آءِ اي سڄي شهر ۾  150 هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز جي تلاشي ورتي آهي، جنهن ۾ 9 پرڏيهين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته ٽورزم ڊيپارٽمنٽ ۽ سنڌ پوليس جي سافٽ ويئر هوٽل آءِ  ۾ رجسٽرڊ نه ٿيندڙ 100 کان وڌيڪ هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز خلاف لاڳاپيل ادارن کي خط به  لکيو ويو آهي. ايس ايس پي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ شعيب ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ گيسٽ هائوسز ۽ هوٽلن کي بند ڪري ڇڏيو آهي

  1. ڪراچي جي هوا صحت لاءِ نقصانڪار، گدلاڻ  ۾ پنجين نمبر تي

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۽ لاهور جي فضائي آلودگي کي صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ قرار ڏيڻ کانپوءِ دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ لاهور ٻئي ۽ ڪراچي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي، پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ آلودگي وارن شهرن ۾ لاهور 404  پوائنٽس سان ايئر ڪوالٽي انڊيڪس ۾ پهرين، ملتان 304 پوائنٽس سان ٻئين، ڪراچي 207 پوائنٽس سان ٽئين ۽ پشاور 203 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي آهي.

  1. ڪراچي:سمنڊ ۾ آپريشن،27 ارب 80 ڪروڙ جي منشيات هٿ

ڪراچي(  رپورٽر ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي سان گڏجي کليل سمنڊ ۾ گڏيل اينٽي نارڪوٽڪس   آپريشن دوران 27 ارب 80 ڪروڙ رپين جي ماليت جي 962 ڪلو گرام چرس ۽ ڪرسٽل هٿ ڪري ورتا. اي اين ايف جي ترجمان موجب، 2 شڪي اسپيڊ بوٽس مليا آهن، جيڪي اتر عربي سمنڊ ۾ منشيات جي وڏي سامان جي نقل و حمل ۾ ملوث آهن. تلاشي دوران انهن اسپيڊ بوٽن کي تلاشي لاءِ روڪيو ويو، جنهن دوران منشيات سان ڀريل ٻيڙي تي سوار محدود اسمگلرز ڪارروائي کان بچڻ لاءِ سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي ٻئي اسپيڊ بوٽ ۾ چڙهي فرار ٿي ويا.

  1. اڳوڻي ايس پي ڪلفٽن جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي ايس پي ڪلفٽن نئير الحق جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي .عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي .عدالت 10ڏينهن جي اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي .درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ضمني چالان ۾ درخواست گذار جي خلاف ڪيس جي جاچ آفيسر ايف آءِ اي کي منتقل ڪئي وئي .درخواستگذار هاءِڪورٽ ۾ ضمانت ورتي آهي .عدالت فيصلي اچڻ تائين جوابدار کي روڪي ڇڏيو آهي .جوابدار خانگي ڪم جي لاءِ برطانيه وڃڻ چاهي ٿو .جوابدار جو نالو پي اين آءِ ايل ۾ شامل آهي .عدالت چيو ته اسٽاپ لسٽ جو آرڊ ڪڏهن آهي .جاچ آفيسر زباني ٻڌايو آهي   اڳوڻو ايس پي ڪلفٽن نئير الحق درخشان ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ جوابدار جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ شريڪ جوابدار آهي

  1. ڪراچي ۾ ٽي وي چينل آفيس ٻاهران فائرنگ ۾ ڪرائم رپورٽر زخمي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ خانگي ٽي وي چينل 92 نيوز جي آفيس ٻاهران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪرائم رپورٽر نديم احمد زخمي ٿي پيو، کيس اسٽيڊيم روڊ تي هڪ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، سينيئر رپورٽر کي نامعلوم ماڻهن آفيس جي دروازي تي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو، ڊي آءِ جي ايسٽ جو چوڻ آهي ته ڪرائم رپورٽر نديم احمد کي آفيس جي دروازي وٽ نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي، گولي سندس پير ۾ لڳي، عثمان غني صديقي چيو ته نديم احمد جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، واقعي جا ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.