پاڪستان جي بجيٽ جو 40 سيڪڙو حصو وياج تي خرچ ٿي ويندو:عالمي ريٽنگ ايجنسي

نيويارڪ( ع آ نيوز) عالمي ايجنسي اڳڪٿي ڪئي آهي ته پاڪستان جي بجيٽ جو 40 سيڪڙو وياج کائي ويندو.   بين الاقوامي ريٽنگ ايجنسي موڊيز 2025ع ۾ پاڪستان جو وياج جو خرچ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو تائين پهچڻ جي اميد رکي ٿي. جيڪو 2021ع کان پوءِ 25 سيڪڙو کان نمايان اضافو آهي. عالمي اداري جي رپورٽ موجب اها وارننگ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن پاڪستان نئين عالمي فنڊنگ جون شرطون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جنهن مان سماجي خطرن جو خوف به ظاهر ڪيو ويو آهي. سادي لفظن ۾ پاڪستان جي بجيٽ جو 40 سيڪڙو وياج تي خرچ ٿيندو. موڊيز جي رپورٽ موجب پاڪستان مالياتي خسارو گهٽائڻ لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان 7 ارب ڊالرن جو نئون قرض حاصل ڪري ورتو آهي. موڊيز رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي موجوده قرضن جي واپسي لاءِ وڌيڪ جدوجهد ڪرڻي پوندي.  ان کان سواء، هن نئين قرض جي شرطن کي پورا ڪرڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو ۽ سماجي خطرن جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿو. موڊيز خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان جي قرض ادا ڪرڻ جي صلاحيت ڪورونا وائرس کان اڳ واري سطح جي ڀيٽ ۾ ڪمزور رهندي. ان کان علاوه پاڪستان غذائي کوٽ جي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيڪو ان کي ايشيا-پئسفڪ علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ملڪن مان هڪ بڻائي ٿو. ريٽنگ ايجنسي موجب ترقي يافته ملڪن ۾ 2025ع ۾ قرضن جو انتظام نسبتاً مستحڪم رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.