دنيا ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، ڳالهين تي يقين رکون ٿا: خواجا آصف

ڪراچي (رپورٽر) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته تڪرارن جي حل لاءِ معنيٰ رکندڙ ڳالهيون ضروري آهن ۽ پاڪستان ڳالهين ذريعي  مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿو. ڪراچي ۾ عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي دفاعي صنعت بهترين شين جي ڪري دنيا ۾ مقبوليت رکي ٿي. پرڏيهي نمائندا بهترين فائدو کڻندا، نمائش ۾ ٽيڪنيڪل معاملن سميت اهم معاملن تي غور ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. علائقائي امن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ خطي جي ملڪن کي مضبوط سهڪار جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.