اسلام آباد(م ڊ) گهرو وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته رياست 24 نومبر تي احتجاج جي اعلان کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڌرڻي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻجو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڊپارٽمينٽ لاڳاپيل سڪيورٽي ادارن کي مڪمل تيار رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، گهرو وزارت ڄاڙن شهرن ۾ سيڪيورٽي لاءِ وڏي نفري مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وفاقي راڄڌاني سميت ٻين شهرن ۾ افغان پناهگيرن جي ڪيمپن جي جيو فينسنگ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، گهرو وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته احتجاج دوران بدتميزي ڪندڙ شاگردن جون تعليمي ڊگريون ۽ داخلا رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پيو وڃي، احتجاج ۾ ملوث شرپسندن جا پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ ۽ سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي امڪاني خطري کان بچڻ لاءِ شڪي هنڌن جي نگراني شروع ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف اسلام آباد پوليس مظاهرين کي منهن ڏيڻ لاءِ 40 هزار آنسو گيس جا شيل خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف اڃا تائين ڪنهن به احتجاج بابت اين او سي نه گهري آهي، فيصلي موجب 2500 بندوقن سان گڏ 50 هزار رٻڙ جون گوليون، 5000 اينٽي رائيٽس ڪٽس جو به آرڊر ڏنو ويو، جڏهن ته رينجرز ايف سي پنجاب ۽ سنڌ سميت 22 هزار جوانن کي 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويندو، سامان جي خريداري ۽ اهلڪارن کي طلب ڪرڻ لاءِ سفارشن جي بنياد تي گهرو وزارت کي خط موڪليو ويو.